Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

جي مدني مذاڪري ۾ تفسير نورالعرفان مان 105 مدني گل (قسط 5) جو اعلان ڪيو ويندو. اهو رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ سوشل ميڊيا مثلاً واٽس ايپ وغيره تي رضاءِ الاهي ۽ ثواب لاءِ ٻين کي به شيئر (Share) ڪريو! دين ۽ دنيا ۾ جيڪڏهن امن چاهيو ٿا ته زبان جي حفاظت ڪرڻ تمام ضروري آهي، ڪڏهن ڪٿي ڇا ڳالهائڻو آهي، ڄاڻڻ لاءِ مطالعو ڪيو، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جو بهترين ڪتاب گفتگو جا آداب. هي ڪتاب مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ کان 325 روپين جي قيمت ۾ حاصل فرمايو. انهن ڪتابن کي پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام طرف آڻيندي، سنت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدار رسالت، شهنشاه نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ  جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو.([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                  جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

سفر جون سنتون

٭ عزيزن ۽ دوستن سان ملي پنهنجا قصور معاف ڪرايو ۽ جن کان معافي گهري وڃي، انهن تي لازم آهي ته کُلي دل سان معاف ڪري ڇڏين. ٭ جيڪڏهن ڪجهه اسلامي ڀائر گڏجي قافلي جي صورت ۾ سفر ڪن ته ڪنهن هڪ کي پنهنجو امير مقرر ڪن. ٭ سفر جو لباس پائي، جيڪڏهن مڪروهه وقت نه هجي ته گهر ۾ 4 رڪعتون نفل (سورة فاتحه ۽ سورة اخلاص سان) پڙهي پوءِ


 

 



[1]...تاریخ ِ مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔