Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔ ([1])
اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا! مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دل ۾ ارادو ڏسو ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـہُ الْکَریم! چئي ڪري ان جو اظهار ڪيو: ٭ عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس ٭ اَدَب سان ويهندس ٭ بيان جا اهم نڪتا لکندس ٭ جيڪو ٻُڌندس، گهر وارن کي، ٻارن کي، دوستن احبابن کي ٻڌائي ڪري علمِ دين جو ثواب ڪمائيندس.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
دجال کان ڊيڄارڻ نبين جي سنت آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄوڪي بيان جو موضوع روزاني جي موضوعن کان ٿورو هٽي ڪري الڳ قسم جو عنوان آهي. اڄ اسان دجال جي فتني جي باري ۾ قرآن ۽ حديث جي تعليمات ٻڌنداسين. اها ڳالھ ذهن ۾ رکجو ته دجال کان ڊيڄارڻ نبين جي سنت آهي.
جي ها! حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جيڪي صحابي رسول آهن، خادم مصطفيٰ آهن، سندن کان روايت آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَا مِنْ نَبِيٍّ اِلَّا اَنْذَرَ اُمَّتَهُ الْاَعْوَرَ الْكَذَّابَ يعني جيترا به نبي تشريف وٺي آيا، سڀني پنهنجي پنهنجي امتن کي ڪاڻي ڪذاب (يعني وڏي