Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

اسان سورة ڪهف جي تلاوت ڪندا رهون. حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو سورة ڪهف جون پهريون 10 آيتون ياد ڪندو دجال کان محفوظ رهندو([1]) ۽ هڪ روايت ۾ آهي، جيڪو سورة ڪهف جون آخري 10 آيتون ياد ڪندو دجال کان محفوظ رهندو.([2])

تنهنڪري ڪوشش فرمايو! سورة ڪهف جون پهريون 10 ۽ آخري 10 آيتون ياد ڪري وٺو! پوءِ وقت بوقت انهن کي پڙهندا رهو! پنهنجي ٻارن کي به ياد ڪرايو ۽ ٻارن کي اها نصيحت به ڪريو ته اهي پنهنجي نسلن کي ياد ڪرائيندا رهن. اها ته خبر ناهي ته دجال ڪڏهن نڪرندو، تنهنڪري پنهنجي نسلن تائين اها خبر پهچائي ڇڏيو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! اسان ۽ اسان جا نسلَ ان بدبخت فتني کان محفوظ رهندا.

عثمان غني رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي محبت جي برڪت

حضرت حذيفه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جيڪي فتنن جي علم جا اسپيشلسٽ هئا. پاڻ فرمائن ٿا: هن امت جو پهريون فتنو شهادت عثمان غني رَضِیَ اللهُ عَنْہُ آهي (جو کين ظلماً شهيد ڪيو ويو) ۽ آخري فتنو دجال آهي. فرمايائون: خدا جو قسم! جيڪو پنهنجي دل ۾ ذري برابر به عثمان غني جي قتل کي سٺو سمجهندو، جيڪڏهن هن دجال کي ڏٺو ته ان جي فتني ۾ مبتلا ٿي ويندو، جيڪڏهن دجال کي نه ڏٺو ته قبر ۾ رهي دجال تي ايمان آڻيندو.([3])

الامان والحفيظ...!! ان مان اندازو لڳايو! مسلمانن جي ٽئين خليفي حضرت عثمان غني رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي محبت ڪيتري ضروري آهي. ذري برابر به سندن بغض دل ۾ هوندو ته انسان دجال جي فتني ۾ مبتلا ٿي ويندو. تنهنڪري حضرت


 

 



[1]...  مسلم، کتاب صلاۃ المسافرین و قصرھا، باب فضل سورۃ الکہف...الخ، صفحہ:291، حدیث:809۔

   [2]... معجم اوسط، جلد:1، صفحہ:397، حدیث:1455۔

   [3]... المجالسۃ و جواہر العلم، جلد:1، صفحہ:154، حدیث:286۔