Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga
ڏسي وٺو، لباس سنت مطابق ناهي. ٭ چهرو ڏسي وٺو، چهري تي سنت جو نور ناهي، غير مسلمن جي نقالي جي ڦٽڪار پيل آهي. ٭ اسان جي گهرن جا انداز. ٭ اسان جا تعليمي ادارا. ٭ سوچون، فڪرَ، افسوس...! اها ڪهڙي جاءِ آهي، اهو ڪهڙو ڪم آهي جنهن ۾ ماڻهو غير مسلمن جي نقالي نٿا ڪن. ائين ڊاڪٽر اقبال چيو هو:
وضع میں تم ہو نصاریٰ تو تمدن میں ہنود یہ مسلماں ہیں جنہیں دیکھ کے شرمائیں یہود
وضاحت: يعني لباس، چال چلت ۽ طور طريقا غير مسلمن جهڙا ٿي ويا آهن، افسوس! مسلمان ڪيترو نه عجيب ٿي ويو آهي، جو کيس ڏسي غير مسلم به شرمائجي وڃن.
حديث پاڪ ۾ آهي، مان خلاصو عرض ڪري رهيو آهيان: غيبن کان خبردار، ٻنهي جهانن جي تاجدار، رسولِ پُرانوار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: توهان اڳين جي طريقن تي هلندا. گرانٺ گرانٺ جي مطابق، گز، گز جي مطابق، ايتري قدر جو جيڪڏهن اهي ڳوهه جي سوراخ ۾ گهڙيا هوندا ته توهان به انهن جي پويان هلندا.([1])
حديث پاڪ جو ڇا مطلب آهي؟ وضاحت ٻڌو! اڳين کان هتي مراد آهن: توريت ۽ انجيل وارا.([2]) پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ارشاد جو مطلب اهو آهي ته توهان به انهن جو نقل ڪرڻ وارا بڻجي ويندا، ايترو وڌيڪ نقل ڪندا جو جيئن ٻنهي هٿن جون تريون بلڪل برابر هونديون آهن يا هڪ گز، ٻئي گز جي بلڪل برابر هوندو آهي، ائين ئي توهان به انهن جي بلڪل برابر برابر هلندا،