Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

ڪوڙي دجال) کان ڊيڄاريو آهي. ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! دجال واقعي تمام وڏو فتنو آهي، جيڪو قيامت جي ويجهو ظاهر ٿيندو. اچو! نبين جي سنت تي عمل ڪندي هن فتني بابت روايتون ٻڌون ۽ ٻڌايون ٿا.

دجال ڪٿي آهي؟ ڪڏهن نڪرندو؟

مسلم شريف جيڪو حديث پاڪ جو تمام مشهور ۽ معتبر ڪتاب آهي، ان ۾ روايت آهي، مان اها روايت اوهان کي تشريح ۽ وضاحت سان ٻڌايان ٿو.

راوي چوي ٿو: هڪ ڏينهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اعلان ڪرايو (ته نماز جي وقت سڀ مسجد ۾ گڏ ٿي وڃن، پوءِ سڀ گڏ ٿي ويا). نماز ادا ڪئي وئي. نماز کان پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منبر تي تشريف فرما ٿيا، ان وقت سندن چهري مبارڪ تي مسڪراهٽ هئي. فرمايائون: سڀ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ئي ويهي رهو. وڌيڪ فرمايائون: ڄاڻو ٿا ته مون توهان کي ڇو گڏ ڪيو آهي؟ صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم عرض ڪيو: اللہُ وَرسولُہٗ اَعْلَم   يعني الله پاڪ ۽ ان جو رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ئي بهتر ڄاڻن ٿا. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بيشڪ مون توهان کي ڪنهن ڳالهه جي رغبت ڏيارڻ يا ڪنهن شيءِ کان ڊيڄارڻ لاءِ گڏ ناهي ڪيو (بلڪه هڪ واقعو پيش آيو آهي، اهو واقعو ٻڌائڻ لاءِ گڏ ڪيو آهي، اهو واقعو ڪهڙو آهي؟ فرمايائون:) تميم داري پهريان غير مسلم هئا، هو آيا ۽ منهنجي هٿ تي بيعت ڪري اسلام قبول ڪيائون. هنن مون کي پنهنجو واقعو ٻڌايو، اهو واقعو ڪهڙو آهي؟ اهي ئي ڳالهيون جيڪي مان توهان کي ٻڌائيندو آهيان.


 

 



[1]... بخاری، کتاب التوحید، باب قول اللہ تعالی:( وَلِتُصْنَعَ عَلَى عَيْنِي) ،صفحہ:1788، حدیث:7408۔