Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

ڪري هتي وڻ لڳايو!([1]) الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي.

  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

اچو! 12 ڀيرا سبحان الله پڙهون ٿا:

سُبْحٰنَ اللہ         سُبْحٰنَ اللہ         سُبْحٰنَ اللہ         سُبْحٰنَ اللہ         سُبْحٰنَ اللہ         سُبْحٰنَ اللہ

سُبْحٰنَ اللہ                 سُبْحٰنَ اللہ                  سُبْحٰنَ اللہ                  سُبْحٰنَ اللہ                  سُبْحٰنَ اللہ                  سُبْحٰنَ اللہ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

فيشن پرستي جو  وبال

پيارا اسلامي ڀائرو! دجال جو فتنو انتهائي شديد فتنو آهي، ان کي سڀ کان وڏو فتنو قرار ڏنو ويو. توهان ڄاڻو ٿا هن فتني ۾ مبتلا ڪير ٿيندو؟ يعني دجال جا شعبدا ڏسي ان کي خدا ڪير مڃندو؟ ڪير ڪير ان جي پويان هلندو؟ حديث پاڪ ٻڌو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: منهنجي امت جا 70 هزار ماڻهو دجال جي پيروي ڪندا، انهن تي نقش و نگار وارو لباس هوندو. ([2])

يعني دجال کي خدا اهي مڃيندا جيڪي پهريان ئي فيشن پرست، غير مسلمن جو نقل ڪرڻ وارا، انهن جهڙي شڪل ۽ صورت بڻائڻ وارا هوندا. انهن جو ٻيڙو غرق ٿيندو ۽ اهي دجال کي خدا مڃي جهنم جا حقدار ٿي ويندا. [3]  

الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏي نه چوٽ ڪرڻ واري ڳالھہ آهي. دجال جي فتني ۾ مبتلا اهي ٿيندا جيڪي غير مسلمن جي نقالي ڪرڻ وارا آهن. افسوس! اڄ اسان وٽ هي نقالي تمام عام ٿي چڪي آهي. ٭      اسان جو پائڻ


 

 



[1]... ترمذی، کتاب الدعوات، صفحہ:796، حدیث:3462 ملتقطاً۔

[2]... مشکوٰۃ، کتاب الرقاق، باب العلامات...الخ، جلد:2، صفحہ:301، حدیث:5490۔

[3]... مراۃ المناجیح، جلد:7، صفحہ:317۔