Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

٭ انبياءِ ڪرام، صحابهءِ ڪرام، نيڪ ماڻهو نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ لاءِ پنهنجن گهرن مان نڪرندا هئا ٭ دور دراز علائقن ۾ ويندا هئا ٭  هجرت ڪندا هئا ۽ تڪليفون برداشت ڪري دين جو پيغام عام ڪندا هئا ٭  اڳين جي قربانين جي ڪري ئي اسان تائين دين پهتو آهي.

عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي به انهيءَ راهه تي آهي.  ٭ سموري دنيا جي اندر دين جو پيغام عام ڪرڻ جي لاءِ لکين عاشقانِ رسول قافلن جي صورت ۾ ملڪ ملڪ، شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ  ويندا آهن ۽ نيڪيءَ جي دعوت عام ڪندا آهن ٭ قافلن جي برڪت سان ڪيترائي غير مسلم ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي چڪا آهن ٭ لکين ماڻهن جي زندگين ۾ نيڪين جي بهار آئي آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! 3 ڏينهن، 12 ڏينهن، 1 مهينو ۽ 12 مهينن جا قافلا سفر ڪندا رهندا آهن.

٭  توهان به قافلي ۾ سفر ڪندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!    ڪيتريون ئي برڪتون نصيب ٿينديون ٭     قافلي ۾ فرض علمِ دين سيکاريو ويندو آهي ٭ سنتون سيکاريون وينديون آهن ٭  تهجد پڙهڻ جي سعادت ملندي آهي ٭نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي ٭ قافلي جي برڪت سان دعائون پوريون ٿيڻ ٭ مشڪلاتون دور ٿيڻ ٭ ۽ بيمارين مان شفاياب ٿيڻ جا به سوين واقعات آهن ٭ ايئن به ٿيو آهي جو قافلي ۾ سفر ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول جي حوصلا افزائي جي لاءِ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   ڪرم فرمايو خواب ۾ تشريف فرما ٿيا ۽ قافلي جي شرڪاء کي ديدار جو جام پياريائون.

اسان قافلن ۾ سفر ڪيون، ڪهڙي خبر ته اسان تي به ڪرم ٿي وڃي. گهٽ ۾ گهٽ هر مهيني 3 ڏينهن جي قافلي ۾ سفر جي نيت ڪري وٺو! بلڪ اڳيان محرم شريف اچي رهيو آهي، ٿي سگهي ته هاڻي کان پنهنجو نالو پيش ڪيو! الله پاڪ