Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

ٻاهر نڪرجي، اهي رڪعتون واپسي تائين گهر وارن ۽ مال جي نگهباني ڪنديون. ٭ پنهنجي مسجد مان به رخصت ٿين. جيڪڏهن مڪروهه وقت نه هجي ته ان ۾ به 2 رڪعتون نفل پڙهي وٺن. ٭ جڏهن به سفر تي روانا ٿيو ته گهرجي ته پنهنجن گهر وارن ۽ مال کي الله پاڪ جي حوالي ڪري وڃو ۽ پنهنجن گهر وارن کي هي ڪلمات چئي سفر تي روانا ٿيو: اَسْتَوْدِعُکَ اللّٰہَ الَّذِیْ لَا یُضِیْعُ وَدَ ائِعَہٗ  ترجمو:  آءٌ توکي ان الله پاڪ جي حوالي ڪريان ٿو جيڪو ڏنل امانتن کي ضايع ناهي ڪندو. ٭ سفر ۾ الله پاڪ جو ذڪر ڪندا رهو. ٭ مسافر کي گهرجي ته دعا کان غفلت نه ڪري، ڇو ته جيستائين اهو سفر ۾ هوندو آهي، ان جي دعا قبول ٿيندي آهي. ٭ رستي ۾ ڪٿي ترسڻو پوي ته وقت به وقت هيءَ دعا پڙهندا رهو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هر نقصان کان بچيل رهندؤ. دعا هيءَ آهي:     اَعُوْذُ بِکَلِمَاتِ اللّٰہِ التَّـآمَّاتِ مِنْ  شَرِّ مَا خَلَقَ ترجمو:  مان الله پاڪ جي مڪمل ڪلمات جي پناهه گهران ٿو، ان شيءِ جي شر کان جيڪا هن پيدا ڪئي. ٭ سفر کان واپسيءَ تي گهر وارن لاءِ ڪا سوکڙي (تحفو) آڻجي ڇو ته هيءَ سُنتِ مبارڪه آهي. ٭ سفر کان واپسيءَ تي پنهنجي مسجد ۾ 2 رڪعتون نفل پڙهڻ سُنت آهي.[1]

رات کاٹی ہم نے سوکر دن گزارا لہو میں

تم   نے   روتے   روتے   ساری   شب   گزاری  یارسول!([2])

مختلف سنتون سکڻ لاءِ مڪتةالمدينه جي بہارِ شريعت جلد:3، حصو:16، ۽ اميرِ اہلِ سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جو 100 صفحن جو کتاب "550 سنتون ۽ آداب" خريد ڪري  پڙهو، سنتون سکڻ جو بهترين ذريعو


 

 



[1] فیضانِ اسلام کورس، حصّہ دوم، صفحہ:11-12 ملتقطاً۔

[2]... قبالۂ بخشش، صفحہ:157۔