Book Name:Zikr Hai Oncha Tera

الله مطلب ته تمام انبياءِ ڪرام عَلَیْهِمُ السَّلَام جي خدمت ۾ حاضري ٿيندي، سڀ اهو ئي فرمائيندا: اسان جو اهو مرتبو ناهي، اسان کان اهو ڪم نه ٿيندو، توهان ڪنهن ٻئي وٽ وڃو! آخرڪار نبين جي نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضري ٿيندي، پاڻ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ شفاعت جو سوال ٿيندو، پاڻ فرمائيندا: اَنَا لَهَا (اَنَالَهَا) ها (!ها) مان آهيان شفاعت لاءِ، مان آهيان شفاعت لاءِ.

کہیں گے اور نبی اِذْہَبُوْا اِلٰی غَیْرِیْ

مرے حضورکےلبپراَنَاہو گا([1])

هاڻي پيارا محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي ربِ ڪريم جي حضور ۾ سر سجدي ۾ رکي ڇڏيندا.

خاک  اُفتادو بَس اُن کے آنے ہی کی دَیر ہے

خود وہ  گِر  کر سجدہ  میں تم کو اُٹھاتے جائیں گے([2])

سرورِ ڪائنات صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مٿو مبارڪ سجدي ۾ رکندا، ربِ ڪريم فرمائيندو: اي پيارا محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اِرْفَعْ رَاْسَکَ مٿو مبارڪ کڻو!   قُلْ یُسْمَعْ لَکَ اي محبوب! چئو! توهان کي ٻڌو ويندو وَسَلْ تُعْطَهْ ۽ گهرو! توهان کي ڏنو ويندو وَاشْفَعْ تُشَفَّعْ ۽ شفاعت ڪيو! توهان جي شفاعت قبول ڪئي ويندي.([3])

سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الله عَلَيْه لکن ٿا: اهو ئي مقامِ محمود هوندو، جتي تمام اڳين پوين ۾ حُضُور صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تعريف ۽ ثنا جو شور مچي ويندو، ان وقت پنهنجن پراون سڀني تي کُلي پوندو ته بارگاهه الٰهي ۾ جيڪا عزت ۽ وجاهت اسان جي آقا صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آهي، ڪنهن جي ناهي.


 

 



[1]...ذوقِ نعت،صفحہ:54۔

[2]...حدائقِ بخشش،صفحہ:156۔

[3]...بخاری،کتاب التوحید،باب کلام الرب عزوجل یوم القیامۃ...الخ،صفحہ:1809،حدیث:7510خلاصۃً۔