Book Name:Zikr Hai Oncha Tera

 

خلیل و نجی، مسیح و صَفی، سبھی سے کہی کہیں بھی بنی

یہ بےخبری کہ خَلق پھری کہاں سے کہاں تمہارے لئے([1])

بهرحال! پيارا اسلامي ڀائرو! هي منهنجي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا شان آهن، پاڻ ڪريم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان ۽ عظمت ۽ رفعت ۽ عزت ۽ شوڪت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ئي ٿي رهيو آهي ۽ اهو اضافو ٿيندو ئي رهندو، ٿيندو ئي رهندو ايتري تائين جو قيامت ايندي، پوءِ سڀ پنهنجي اکين سان پاڻ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان ۽ عظمت کي ڏسي وٺندا. اهو ته قيامت جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن ته ابوجھل جهڙا ڪافر به مڃي وٺندا، اصل فضيلت جي ڳالهه اها آهي ته پاڻ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عظمتن کي اڄ مڃيو وڃي

آج لے اُن کی پناہ، آج مدد مانگ اُن سے

پِھرنہ مانیں گے قیامت میں اگر مان گیا([2])

ان ڪري پنهنجي محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عزت ۽ عظمت کي دل ۾ ويهاري رکو! ان تي پختو ايمان رکو! اڄڪلهه دور اهڙو آهي: غير مسلم، عاشقانِ رسول جي سينن مان محبتِ رسول گهٽ ڪرڻ جي سخت ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڇا سوشل ميڊيا، ڇا انٽرنيٽ...!! بس هڪ بدتميزي جو طوفان آيل آهي، اهڙن حالتن ۾ پنهنجي ايمان جي ضرور فڪر ڪرڻي آهي، پنهنجي محبوب آقا صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي باري ۾ نه ڪو ڪمزور خيال دل ۾ اچڻ ڏيڻو آهي، نه ڪا ڪمزور ڳالهه ٻڌڻي آهي، نه اهڙيون ڪمزور ڳالهيون ڪرڻ وارن جي ڳالهه تي ڌيان ڏيڻو آهي.

اُن کے در پر جیسے ہو مٹ جائیے!                ناتوانو! کچھ تو ہمت کیجیے!

اُن کے در پر بیٹھیے بن کر فقیر                     بےنواؤ! فِکْرِ ثَرْوَت کیجیے!

نعرہ کیجیے! یارسولَ اللہ کا                           مفلسو! سامانِ دولت کیجیے!


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:351۔

[2]...حدائقِ بخشش،صفحہ:56۔