Book Name:Walidain-e-Mustafa
پنهنجي ربِّ ڪريم سان ڪيل وعدو ضرور پورو ڪندس۔ هو منهنجو موليٰ، مان ان جو ٻانهو ۽ مون ان جي لاءِ باس باسي آهي ته مان ان جي خِلاف ڪرڻ پسند نٿو ڪيان۔ جيڪڏهن ائين ڪيان ته مون کي زِندگي سان ڪو پيار ناهي۔([1]) قريش جي سردارن ۽ حضور جي ڏاڏي محترم حضرت عَبدُ الـمُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي وچ ۾ ڪافي بحث ٿيندو رهيو، نيٺ عرب جي هڪ تعبير ڪندڙ عورت کان فيصلو ڪرائڻ جو طئي ٿيو، اها ان وَقت خيبر ۾ هئي، ان سڄو واقعو ٻڌي هڪ ڏينهن جي مهلت گھري، اڳئين ڏينهن چيائين: توهان وٽ ديت يعني جان جو فديو ڪيترو آهي؟ ٻڌايو ويو: ڏھ اُٺ۔ چيائين: مڪي موٽي وڃو ۽ حضرتِ عبدُالله ۽ ڏهن اُٺن جي وچ ۾ ڪڻو وجھو، جيڪر حضرت عبدُ الله جو نالو نڪري ته اُٺن جو تعداد وڌائي ڇڏجو، جيستائين قرعه اندازي ۾ اُٺن جو نالو نڪري نه اچي، اُٺن جو تعداد وڌائيندا رهو، جڏهن اُٺن جو نالو نڪري سمجھي وٺو ته عبدُ الله جي فديي ۾ ايترن اُٺن جي قرباني تي توهان جو ربّ راضِي آهي۔ ان تي سڀني جو اتفاق ٿيو۔ مَڪه مُڪرَّمَه اچي قرعه اندازي شروع ٿي، پهريان ڏھ، پوءِ ويھ، وري ٽيھ اُٺن تي قرعو وڌو ويو، هر ڀيري حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو نالو آيو، ڪندي ڪندي 100 اُٺن تي پهتا ته اُٺن جو نالو نڪتو، قريش چيو: بَس! اي عَبدُ المُطَّلِب! اوهان جو ربّ سو اُٺن تي راضِي آهي۔ فرمايائون: مون کي اطمينان ناهي، الله پاڪ جو قسم! مان ٽي ڀيرا ڪڻو وجھندس۔ ٽي ڀيرا قُرعه اندازي ٿي ۽ ٽئي ڀيرا اُٺن ئي جو نالو نڪتو. هاڻي حضرت عَبدُالمُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه مطمئن ٿيا ۽ حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي فديي ۾ سَو اُٺ قربان ڪري الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيائون۔ ([2])
هن واقعي کان بعد والدِ مصطفيٰ حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو لقب ”ذبيح “ ٿيو۔