Book Name:Walidain-e-Mustafa
۾ ڇُري پڪڙي ۽ باس پوري ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا۔([1])
الله اڪبر! پٽ ۽ اهو به جيڪو سڀ کان وڌيڪ پيارو هجي، پنهنجي هٿن سان ذَبَح ڪرڻ دِل ڪيئن ٿي گوارا ڪري سگھي؟ پر قربان ٿجي! هن خاندان جو شان ئي نرالو آهي! صديون پهريان هن خاندان جي جدِّ اَمجَد حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام عرب جي انهيء ريگستان ۾ مَحبَّتِ الٰهي سان سرشار ٿي پنهنجي سِڪيلڌي ۽ دادلي پٽ حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي گلي تي ڇُري رکي هئي ۽ مَحبَّتِ الٰهي جي امتحان ۾ ڪامياب ٿي دُنيا جهان کي حيرت ۾ وڌو هو، اڄ ان جا شهزادا حضرت عَبدُ المُطَّلِبرَضِىَ اللهُ عَنۡه انهيء حڪايت کي دُهرائڻ جي لاءِ تيار آهن، الله! الله...!! نه نرڙ تي ڪو گنج نه اکين ۾ لڙڪ. توڙي جو پيءَ جي دِل آهي پر عشقِ الٰهي ۾ اهڙي مضبوط آهي جو نه ڌڙڪن بيهي ٿي، نه هٿ ڏڪي ٿو۔ ٻي پاسي حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي ڏسو! مَحبَّتِ حق سان مَعمُور سينو، نه جھجڪ نه ڪو خوف، پيشاني ۾ ٻنهي جھانن جو نور کَنيو بيخودي ۾ پنهنجي ڏاڏي حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي سُنّت نڀائڻ جي لاءِ دِل ۽ جان سان تيار آهن۔
قريب هو جو حضرت عَبدُ المُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجي پياري شهزادي جي گلي تي ڇُري هلائي باس پوري ڪن ها ۽ زمين ۽ آسمان کي حيران ڪن ها، قريش جا سردار وچ ۾ اچي وڏي عاجزي سان عَرض گذار ٿيا: اي سردار! ڇا ڪرڻ جو ارادو رکو ٿا؟ فرمايائون: پٽ قربان ڪندس۔ چوڻ لڳا: اسان ڪڏهن به اهو ٿيڻ نه ڏينداسين، اوهان پنهنجي ربّ سان مَعذرَت ڪيو! اڄ اوهان پٽ قربان ڪيو ته سڀاڻي سڀئي اوهان جي پيروي ڪندا ۽ اهو ئي طريقو رائج ٿي ويندو۔([2]) حضرت عَبدُ المُطَّلِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه پُرجوش لهجي ۾ فرمايو:
الله جنهن جي حمد ۽ ساراھ جھڙي ڪنهن جي ساراھ ناهي، ان جو قسم! مان