Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442
پيارا اسلامي ڀائرو! شَبِ بَرَاءَت جي موقعي تي قبرستان جي حاضري ڏيڻ مسلمانن جو معمول رهيو آهي، لهٰذا بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي قبرستان وڃڻ جا آداب بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ اچو! پهريان قبرستان حاضِري بابت فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا: اِبنِ ماجَه جي حديث شريف آهي: الله پاڪ جي پياري ۽ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: کنتُ نَهَيتُكُم عَن زِيَارَةِ القُبُورِ ، فَزُورُوهَا فَإِنَّهَا تُزَهِّدُ فِي الدُّنيَا ، وَتُذَكِّرُ الآخِرَةَ. يعني مون توهان کي قبرن جي زيارت کان منع ڪيو هو هاڻي قبرن جي زيارت ڪيو بيشڪ قبرون ڏسڻ دُنيا کان بي رغبت ڪندو ۽ آخرت جي ياد ڏياريندو آهي۔ (ابن ماجہ ،کتاب: جنائز ، صفحہ: 234، حدیث: 1443)
اي عاشقان رسول ! مسلمان جي قبر تي وڃڻ سُنَّتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي ۽ اولياءِ ڪرام و شُهداءِ عظام رَحِمَهمُ الله السّلام جي مزارن تي حاضري سعادت ئي سعادت ۽ انهن کي ايصالِ ثواب مَندُوب (يعني پسنديده) ۽ ثواب جو ڪم آهي۔ (فتاوٰی رضویہ ،جلد: 9، صفحہ: 532)
قبرستان حاضِر ٿي ڇا ڪرڻو آهي؟ اچو! ٻڌون ٿا: * قبرستان ۾ هن طرح بيهو جو قبلي ڏانهن پٺي ۽ قبر وارن جي چهرن ڏانهن منهن هجي، ان کان پوءِ حديثِ پاڪ ۾ بيان ڪيل طريقي مطابق هيئن سلام ڪريو: اَلسَّلامُ عَلَیکم يا اَھلَ القُبُورِ يغفِرُ الله لَنَا وَلَکم اَنتُم سَلَفُنَا وَنَحنُ بِالاَثَر يعني اي قبر وارو! توهان تي سلام هجي، الله پاڪ اسان جي ۽ توهان جي بخشش فرمائي، توهان اسان کان پهريان اچي ويا ۽ اسان توهان کان پوءِ اچڻ وارا آهيون۔ (تِرمِذی، کتاب :جنائز، صفحہ: 275حدیث 1055۔اا) * قبرستان ۾ داخِل ٿي اها دُعا پڙھجي: اَللّٰھُمَّ رَبَّ الاَجسَادِ البَالِيۃِ وَالعِظَامِ النَّخِرَۃِ الَّتِي خَرَجَت مِنَ الدُّنيا وَھِي بِک مُؤمِنَۃٌ اَدخِل عَلَيھَا رَوحًا مِّن عِندِک وَسَلامًا مِّنِّي۔ (تَرجَمو: اي اللہ! اي ڳري وڃڻ وارن جسمن ۽ پراڻين هڏين جا ربّ! جيڪي دنيا مان ايمان جي حالت ۾ لاڏڻو ڪري ته تون اُنهن تي پنهنجي رحمت فرما ۽ اُنهن کي منهنجو سلام پهچائي ڇڏ)