Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442
موت جي هڪ ئي جھٽڪي سڄي سرڪشي ڪڍي ڇڏي۔ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه غرور وتڪبر کان بچي عاجزي ۽ انڪساري واري زندگي گذارڻ جي لاءِ اسان کي عبرت جو دَرس ڏيندي قبر جي پهرين رات جو نقشو بيان ڪري رهيا آهن:
پَر کٹے، تنگ قفس اور بلبل نَو گرفتار ہے، کیا ہونا ہے؟
(حدائق بخشش، صفحہ:167)
قبر جي پهرين رات جون دُشواريون ۽ ڏکيو وقت
اي عاشقانِ رسول! اهو وقت ڪيتري بيڪسي ۽ بي وسي جو وقت هوندو، جڏهن اسان کي قبر ۾ لاٿو ويندو، اسان جي بخشيل بخشايل آقا، اسان کي بخشائڻ واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عبرت نشان آهي: مُردي کي هن ڳالھ جي سڃاڻپ هوندي آهي ته ان کي ڪير غسل ڏئي رهيو آهي ۽ ڪير ان کي کڻي رهيو آهي ۽ ڪير ان کي قبر ۾ لاهي رهيو آهي۔ (مُسْنَدِ اِمام اَحْمد بن حنبل، جلد:5، صفحہ:6، حدیث:11289)
اميرِاهلسنت، باني دعوتِ اسلامي دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه فرمائن ٿا: پيارا اسلامي ڀائرو! خدا جو قسم! تشويش، تشويش ۽ سخت تشويش، خوف، خوف ۽ سخت ترين خوف جو معاملو آهي۔ جانور جي ته مرندي ئي قوتِ محسوسه(محسوس ڪرڻ واري قوت) ختم ٿي ويندي آهي پر انسان جو عقل ۽ محسوس ڪرڻ جي طاقت جيئن جو تيئن باقي رهندي آهي بلڪ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي قوت ڪيترا ئي ڀيرا اڃا وڌي ويندي آهي۔ هاءِ!افسوس! جيڪڏهن اسان جي بداعمالين جي ڪري الله تعاليٰ اسان کان ناراض ٿي ويو ته اسان جو ڇا ٿيندو؟
ٿورو سوچيو ته سهي! جيڪڏهن اسان کي خوبصورت ۽ آسائشن سان ڀريل بنگلي ۾ اڪيلو قيد ڪيو وڃي تڏهن به گهٻرائجي وينداسين! اسان مان شايد قبرستان ۾ ڪوبه اڪيلو هڪ رات گذارڻ جي همت نه ڪري سگهي! افسوس! ان وقت ڇا ٿيندو جڏهن مٽي جي مڻن هيٺان اسان کي اڪيلو ڇڏي اسان جا