Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442

تَوبه ڪرڻ واري کان الله پاڪ ڪيترو راضِي ٿئي ٿو، ان کي رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ مثال جي ذريعي بيان فرمايو، حديثِ پاڪ جو خُلاصو آهي ته بالفرض ڪو شخص جھنگ ۾ سَفَر ڪري رهيو هجي، اوچتو ان جي سُواري ڪٿي گُم ٿي وڃي، ان جو کاڌو، پاڻي وغيره به انهيء سُواري تي هجي، هاڻي هو سُواري کي ڳولڻ لڳي، ڳولهيندو رهي، ڳولهيندو رهي پر سُواري نه ملي، آخر ٿڪجي هڪ وڻ جي ڇانو ۾ ليٽي پئي، انهيء حالت ۾ اوچتو ان جي سُواري ان وٽ پاڻهي اچي وڃي ته هاڻي اهو ڪيترو خوش ٿيندو...؟ اسان جا آقا و موليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا: الله پاڪ ان ٻانهي کان به وڌيڪ توبه ڪرڻ واري کان راضِي ٿيندو آهي۔ (مسلم، کتابُ التَّوبہ، صفحہ:1053، حدیث:2747)

الله پاڪ اسان سڀني کي سچي پڪي توبه جي توفيق عطا فرمائي، اسان کي نيڪين ڀري وڏي زندگي نصيب فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

الٰہی! رحم فرما میں سُدھرنا چاہتا ہوں اب              نبی کا تجھ کو صدقہ میں سُدھرنا چاہتا ہوں اب

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو

پيارا اسلامي ڀائرو! توبه ڪرڻ، تَوبه تي استقامت ۽ سُڌري ڪري نيڪين ڀري زِندگي گذارڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! اِن شَآءَ الله! هن جي برڪت سان نيڪ نمازي بڻجڻ، دِل ۾ عشقِ مصطفيٰ وڌائڻ، سُنتن تي عمل جو جذبو وڌائڻ، گُناهن کان بچڻ، ايمان جي حفاظت جي لاءِ فڪر ڪرڻ جو ذِهن بڻجندو۔ الحمد لله! دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ دِين جو ڪم ڪرڻ، گھر گھر، گھٽي گھٽي سُنّتن کي عام ڪرڻ جي لاءِ هر وقت مَصرُوفِ عمل آهي، اوهان به هن نيڪ ڪم ۾ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو، 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور حِصو وٺو ۽ نيڪي جي دَعوَت عام ڪري خوب خوب ثوابِ آخرت جا حق دار بڻجو۔ 12 ديني ڪمن مان ماهوار هڪ دِيني ڪم آهي: مدني قافلو۔ مدني قافلو وڏو پيارو ديني