Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442
افسوس! اهي دشوار واديون، ڪنڊيدار راهون ۽ اسان نادان، گناهن ۾ ٻڏل، غفلت جي چادر پائي ستل آهيون... افسوس! اسان جو ڇا ٿيندو؟
ہم کو بِد کر وہی کرنا جس سے دوست بیزار ہے، کیا ہونا ہے؟
چھپ کے لوگوں سے کئے جس کے گناہ وہ خبر دار ہے، کیا ہونا ہے؟
کام زِنداں کے کئے اور ہمیں شوقِ گلزار ہے، کیا ہونا ہے؟
(حدائق بخشش، صفحہ:166-167)
مختصر وضاحت: اسان سرڪشي ۾ اهو ئي ڪيون ٿا، جنهن سان الله پاڪ ناراض ٿيندو آهي، افسوس! پنهنجي طور تي اسان خوب لڪي گناھ ڪيون ٿا، بدنامي جي ڊپ کان، ماڻهن کان لڪي ويندا آهيون پر جنهن ڪريم ربّ جي نافرماني ڪئي پئي وڃي اهو ته هر هنڌ ڏسي رهيو آهي، ان کان لڪڻ ناممڪن آهي، افسوس! اسان جنّت جا طلب گار آهيون پر ڪم جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارا... اسان جو ڇا ٿيندو...؟؟
اي عاشقانِ رسول! سخت اونداهي قبر ۾ قيامت تائين رهڻو پوندو، پوءِ ان کان بعد محشر جو اهو دهشتناڪ ڏينهن، ان ڏينهن جي باري ۾ الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
اَلْقَارِعَةُۙ(۱) ترجمو ڪنز الايمان: دل ڏڪائي رکندڙ
مَا الْقَارِعَةُۚ(۲) ترجمو ڪنزالايمان: اها دل دهلائيندڙ ڇا آهي.
وَ مَاۤ اَدْرٰىكَ مَا الْقَارِعَةُؕ(۳) ترجمو ڪنزالايمان: ۽ توکي ڪهڙي خبر اها دل ڏڪائيندڙ ڇا آهي.
یَوْمَ یَكُوْنُ النَّاسُ كَالْفَرَاشِ الْمَبْثُوْثِۙ(۴) ترجمو ڪنزالايمان: جنهن ڏينهن ماڻهو ٿي ويندا پکڙيل پتنگ وانگر.