Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442

ڪم آهي، ڇوته هن جي ذريعي نيڪي جي دعوت عام ٿيندي آهي، قرآن ۽ سُنَّت جو پيغام عام ٿيندو آهي، پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح ۾ بهترين مدد ملندي آهي۔ مدني قافلي ئي جي ذريعي عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو پيغام سڄي دُنيا ۾ ڦهليو آهي ۽ اهو سفر جاري آهي۔

ڪراٽي باز جي توبه

فيصل آباد جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان پهريان منهنجو ڪردار بگڙيل هو، ڪوڙ غيبت، چغلي جهڙا گُنَاھ منهنجي زبان تي رهندا هئا، بدنگاهي منهنجي معمولات ۾ شامِل هئي، مون مارشل آرٽ سکيو هو، ان جي ڪري ماڻهن کان هروڀرو جھيڙو ڪندو وتندو هئس، هر نئون فيشن اپنائيندو هئس، افسوس! نمازن کان ايترو پري هئس جو مون کي پنج نمازن جي رڪعتن جو تعداد به معلوم نه هو، نيٺ منهنجي قسمت جو تارو چمڪيو، هڪ ڏينهن هڪ پُراڻي دوست سان منهنجي ملاقات ٿي، جيڪو دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي چڪو هو، ان مون کي مدني قافلي ۾ سَفَر جي دعوت ڏني، مان دوست جي ڳالھ کي ٽاري نه سگھيس ۽ هٿوهٿ 3 ڏينهن جي مدني قافلي جو مُسَافِر بڻجي ويس، مدني قافلي ۾ عاشقانِ رسول جي صحبت جي برڪت سان مون کي زندگي جو مقصد معلوم ٿيو ته پنهنجي گُنَاهن تي شرمساري ٿيڻ لڳي، منهنجي اکين تان غفلت جو پردو هٽي ويو، دِل جي ڪيفيت تبديل ٿيڻ لڳي، مان جڏهن به بيان ٻڌو ته منهنجي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا، مدني قافلي تان واپسي جي ڪجھ ڏينهن کان پوءِ مون کي اميرِ اهلسنت، باني دعوتِ اسلامي، حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطارقادري رضوي ضيائي دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جي زيارت ٿي، سندن کي ڏسندي ئي سندن محبت منهنجي دِل ۾ ويهي وئي، مان هٿوهٿ سندن جو مريد بڻجي عطاري ٿي ويس، تمام گناهن کان توبه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي زِندگي گذارڻ لڳس۔  (عجیب الخلقت بچی، صفحہ:3)