Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442
نيڪين جي ڪثرت ٿئي، الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا اڄوڪي رات اسان سڀني کي نصيب ٿي وڃي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جا ڪروڙ احسان آهن جو ان اها رحمتن، بخششن ڀري رات اسان کي عطا فرمائي، بس ان جي رحمت ٿي وڃي ۽ محبوبِ رحمٰن، سلطانِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عِنَايت ڀري نظر ٿي وڃي ته شايد اسان گنهگارن جي بخشش جي ڪا صُورت بڻجي وڃي، نه ته مُعَامَلو نهايت نازُڪ آهي۔ شيخ الاسلام حضرت بهاء الدين زڪريا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان ڪير واقف نه هوندو...! پاڻ ڇهين صدي هجري جا مشهور ۽ معروف بزرگ، وڏي رُتبي وارا عالم، عابِد، زاهد، متقي، پرهيز گار ۽ ڪامِل ولي ٿي گذريا هئا، هڪ ڀيري پاڻ تي خوفِ خُدا جو ايترو غلبو ٿيو جو پاڻ حُجري شريف ۾ داخِل ٿي دروازو بند ڪيائون ۽ سجدي ۾ وڃي توبه ۽ استغفار ڪرڻ لڳا، اکين مان لڙڪ جاري هئا، خوفِ خُدا سبب سينو سَڙي رهيو هو، ايترو رُنا جو مُصَلّو لڙڪن سان آلو ٿي ويو، سندن صاحبزادا ۽ مريدَ اوچتو هن حالت سبب سخت پريشان ٿيا، حضرت بهاء الدين زَڪرِيا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي تڙپي تڙپي روئڻ جو آواز سڀني جو سينو چيري رهيو هو، دِليون ڏڪي رهيون هيون، صاحبزادا ۽ مُرِيد هر هر حُجري شريف جو در کڙڪائي رهيا هئا، التجائون ڪري رهيا هئا: عالي جاه! دروازو کوليو! پر شيخ الاسلام حضرت بهاء الدين زَڪرِيا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه خوفِ خُدا ۾ غرق، سڀني کان بي نياز ٿي دانهون ڪري روئي رهيا هئا، نيٺ سندن پوٽي شاھ رُڪنِ عالم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي گھرايو ويو، حضرت بهاء الدين زڪريا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي پوٽي سان تمام گھڻي محبت ڪندا هئا، شاھ رُڪنِ عالمرَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه دروازي کي کڙڪايو ۽ 2، 3 ڀيرا زور سان آواز ڏنائون: ڏاڏا سائين!