Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442

تیری اِک اِک ادا پر اے پیارے                                                        سَو درودیں فدا، ہزار سلام

رَبِّ سَلِّم کے کہنے والے پر                                                                               جان کے ساتھ ہوں نثار سلام

وہ سلامت رہا قیامت میں    پڑھ لئے جس نے دِل سے چار سلام

(ذوقِ نعت، صفحہ:170-171)

 

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

* نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُ الله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! اڄ شَعبَانُ المُعَظَّم جي پندرهين رات يعني شَبِ بَرَاءَت آهي، اڄ نجات ماڻڻ واري رات آهي، اڄ ڀلائين ڀري رات آهي، اڄ برڪتن ڀري رات آهي، اڄ عظمتن ڀري رات آهي، رحمتن جي ڇماڇم برسات آهي، اڄ بخشش ڀري رات آهي، اڄ جهنّم کان ڇوٽڪاري واري رات آهي، هن رات رَبِّ ڪائنات پنهنجي ٻانهن تي خوب رحمتون نازِل فرمائيندو آهي، اڄ دُعائون قبول ٿيڻ جي رات آهي، اڄ روزي تقسيم ٿيڻ جي رات آهي، هن رات ۾ رزق جي برڪت جي لاءِ جيڪا دُعا گُھري وڃي، قبول ٿيندي آهي، سڄي سال جي رزق جو اڄ جي رات فيصلو ٿيندو آهي، اڄ جي رات اها عظيم رات آهي جو اسان