Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442

اسان کي قبر ۽ آخرت جي معاملن کان ڊپ ناهي ٿيندو، افسوس! اسان بارگاھ الٰهي ۾ پيش ٿيڻ کان ڊڄون نٿا، اسان کي پنهنجي ايمان جو ڪو فڪر ناهي هوندو۔ افسوس! صد ڪروڙ افسوس! اسان فڪر ڪيون نه ڪيون، مُعَاملو تمام ئي نازُڪ آهي۔

راہ پُر خار ہے، کیا ہونا ہے                                  پاؤں افگار ہے کیا ہونا ہے

(حدائق بخشش،  صفحہ:166)

جنّت جي منزل پري، راھ ڊگھي، قبر و حشر ۽ پُل صراط، سخت کان سخت دشواريون، هر پاسي مشڪلات ئي مشڪلات ۽ اسان..!! گناهن جي ڪثرَت سان دِل ڪاري، جسم ڀاري، جگر ڦٽيل ۽ پير زخمي...!! هاءِ! ڇا ٿيندو...؟؟ هاءِ افسوس اهي سڪرات جون سختيون، جسم مان رُوح نڪرڻ جا اهي دَردناڪ جھٽڪا...!!

سڪرات جا سخت لمحا

اي عاشقانِ رسول! تصور ته ڪريو! اهي ڪيترا مشڪل لمحا هوندا، جڏهن مَلَڪ الموت عَلَيه السَّلام ايندو، اسان جا ماءُ پيءُ، رشتيدار، دوست اَحباب ڏسندا ئي رهجي ويندا، نه ڪنهن پهلوان جي پهلواني ڪم ايندي، نه ڪنهن مالدار جو مال ئي ان کي ڇڏائي سگھندو، ڊاڪٽرن جا هٿ ٻڌيل رهجي ويندا، سائنسي آلات، وڏيون وڏيون مشينون سڀ جواب ڏئي ڇڏينديون، هڪ جھٽڪي سان رُوح جسم مان ڇڪيو ويندو، ان سان گڏ ئي هڪ آخري هڏڪي ايندي، ساھ اٽڪي اوچتو بَند ٿي ويندو ۽ بَس...! بينڪ بيلنس، گاڏي بنگلو، ڪاروبار، مال ودولت، سامانِ عيش وعشرت سڀئي بيڪار رهجي ويندو ۽ اسان هميشه هميشه جي لاءِ هن فاني دُنيا کي ڇڏي موڪلائي چڪا هونداسين، وري ڪڏهن موٽي هتي نه اينداسين۔

کوئی پیش چلی، نہ عُذر، نہ انکار ہوا                          جب بشر موت کے پنجے میں گرفتار ہوا

کوئی ساتھ ہوا نہ مَر کے بجز زیرِ کفن                       پہلی منزل سے ہی ہر اِک جُدا یار ہوا

جیتے جی بہت یار تھے صوفی اپنے                        قبر میں ایک بھی نہ آکر مددگار ہوا