Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442

شرح صدور ۾ آهي جيڪو ٻانهو قبرستان ۾ داخل ٿي هيءَ دعا گهري، ته حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کان وٺي دعا پڙهڻ جي وقت تائين جيترا مسلمان فوت ٿيا هئا سڀ دعا پڙهڻ واري جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪندا. ( شَرْحُ الصُّدُور، صفحہ:226۔)

جيڪڏهن قبر وٽ ويهڻ چاهيو ته قبر واري جي مرتبي جو لحاظ ڪندي باادب ويهي رهو. قبرن جي زيارت جي لاءِ 4 ڏينهن بهترين آهن: سومر، جمعرات، جمعو، ۽ ڇنڇر. (فتاوٰی عا لمگیری، جلد:5صفحہ:350۔) جمعي جي ڏينهن صبح جي نماز کان پوءِ قبرن جي زيارت ڪرڻ افضل آهي. (فتاوٰی رضویہ، جلد: 9، صفحہ: 523) رات جو اڪيلو قبرستان نه وڃڻ گهرجي. بابرڪت راتين خاص طور تي شبّ برات ۾ قبرن جي زيارت ڪرڻ افضل آهي. (فتاوٰی عا لمگیری، جلد:5صفحہ:350۔) انهيءَ طرح بابرڪت ڏينهن مثال طور عيدالفطر، عيد قرباني، 10 محرم الحرام، ذالحجه جي ابتدائي 10 ڏينهن ۾ به قبرن جي زيارت افضل آهي. قبر جي مٿان”اڱربتي“ نه ٻاريو هن ۾ بي ادبي ۽ بدفالي آهي. ها! جيڪڏهن(حاضرين کي) خوشبو پهچائڻ مقصود هجي ته قبر وٽ خالي جڳھ تي لڳائي سگهجي ٿي ڇوته خوشبو پهچائڻ پسنديده عمل آهي. (فتاوٰی عا لمگیری، جلد:5صفحہ:350۔) قبر تي چراغ يا ميڻ بتي وغيره نه رکو، ها جيڪڏهن توهان وٽ”چارجر“ ٽارچ يا ٽارچ واري موبائل نه هجي، گورنمنٽ جون به بتيون نه هجن يا بند هجن ۽ رات اونداهي ۾ هلندي يا ڏسي تلاوت ڪرڻ جي لاءِ روشني مقصود هجي، ته قبر جي هڪ طرف خالي زمين تي ميڻ بتي يا چراغ رکي سگهو ٿا. جڏهن ته اها خالي جڳھ اهڙي نه هجي جتي پهريان قبر وغيره هئي هاڻي مٽجي چڪي آهي. (قبر والوں کی 25 حکایات، صفحہ:45۔ )

 

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد