Book Name:Ibadat Ke Faide

صحابيءِ رسول حضرت حذيفه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: هڪ رات الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مسجد ۾ نماز ادا ڪري رهيا هئا، مون موقعو غنيمت ڄاتو ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پويان بيهي اقتدا ۾ نماز شروع ڪري ڇڏي. الله پاڪ جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نماز دوران سورت بَقَرَہ جي تلاوت شروع فرمائي، مان دل ۾ خيال ڪري رهيو هيس ته حُضُور، جانِ ڪائنات صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 100 آيتون پڙهي رڪوع فرمائيندا پر پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 100 آيتن تي رڪوع نه ڪيو بلڪه اڳتي پڙهندا ويا، هاڻي مون خيال ڪيو ته 200 آيتن تي رڪوع فرمائيندا پر پاڻ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 200 آيتن تي به رڪوع نه فرمايو. هاڻي مون کي خيال آيو ته حُضُورِ اڪرم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پوري سورت بَقَرَہ (يعني تقريبن اڍائي سيپارا) مڪمل پڙهي رڪوع فرمائيندا. پوءِ سورت بَقَرَہ مڪمل ٿي پر پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هاڻي به رڪوع نه فرمايو بلڪه سورت آلِ عِمْرَان شروع فرمائي ڇڏي. هاڻي مان سوچي رهيو هيس ته حُضُور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سورت آلِ عِمْرَان مڪمل تلاوت ڪري رڪوع فرمائيندا. (پر منهنجو خيال هن ڀيري به درست نه نڪتو) جانِ عالَم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سورت آلِ عِمْرَان مڪمل فرمائي (يعني پوڻا 4 سيپارا تلاوت فرمائي ورتا) پر رڪوع نه ڪيو بلڪه سورت نِسَآء شروع فرمائي ڇڏي.

حضرت حذيفه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: مون سوچيو شايد حُضُور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سورت نِسَآء مڪمل ڪري رڪوع فرمائيندا، هن ڀيري به منهنجو خيال درست نه هو، جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سورت نِسَآء مڪمل ڪئي، (يعني سوا 5 پارا پورا ٿي ويا) هاڻي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سورت مَائِدہ شروع فرمائي ۽ سورت مَائِدہ مڪمل تلاوت ڪرڻ کانپوءِ (يعني تقريبن سوا 6 سيپارا پڙهي) رڪوع فرمايو. مون ٻڌو: پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رڪوع ۾ سُبْحَانَ رَبِّیَ الْعَظِیْم پڙهي رهيا هئا، پوءِ (ٻي رڪعت ۾) پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سورت  اَنْعَام شروع فرمائي.([1])


 

 



[1]... سُبُلُ الْهُدَیٰ،جماع ابواب سیرتہ... الخ،الباب الثالث فی وقت قیامہ...الخ،جلد:8 ،صفحہ:278 ملتقطًا۔