Book Name:Ibadat Ke Faide

آهي، اسان جيئن ته ٻانها آهيون، تنهنڪري بندگي جو حق ادا ڪندا ئي رهنداسين.

الله پاڪ جا محبوب ٻانها

الله پاڪ حضرت داؤد عَلَیْهِ السَّلَام  ڏانهن وحي فرمائي: اِنَّ اَوَدَّ الْاَوْدَاءِ اِلَیَّ مَنْ عَبَدَنِیْ بِغَیْرِ نَوَالٍ لٰکِنْ لَّیُعْطِیَ الرُّبُوْبِیَّۃَ حَقَّہَا يعني مون کي تمام پيارو اهو آهي جيڪو بغير ڪنهن عيوض جي منهنجي عبادت ڪري ۽ ربوبيت (يعني منهنجي رب هجڻ) جو حق ادا ڪري. ”زبور شريف“ ۾ آهي: ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جيڪو جنت يا جهنم جي ڪري منهنجي عبادت ڪري، جيڪڏهن مان جنت ۽ جهنم پيدا نه ڪريان ها ته ڇا منهنجي اطاعت نه ڪئي وڃي ها...؟؟ ([1])

جيڪڏهن الله جنت ۽ دوزخ نه بڻائي ها ته...؟؟

هڪ ڀيري ڪجهه بزرگ حضرت رابعه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہا جي خدمت ۾ حاضر هئا، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہا پڇيو: الله پاڪ جي عبادت ڇو ڪندا آهيو؟ هڪ جواب ڏنو: اسان جهنم کان خوفزده آهيون، قيامت جي ڏينهن جهنم جي مٿان (يعني پُل صِراط تان) گذرڻو پوندو، ان کان محفوظ رهڻ لاءِ عبادت ڪندا آهيون. هڪ ٻئي شخص چيو: اسان جنت ۾ وڃڻ لاءِ عبادت ڪندا آهيون. حضرت رابعه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہا فرمايو: الله پاڪ جي عبادت فرضِ عين آهي، جيڪڏهن هو جنت ۽ دوزخ پيدا نه ڪري ها ته ڇا ٻانها ان جي عبادت کان انڪار ڪري ڇڏين ها؟([2])

جس کا عمل ہو بےغرض اس کی جزاء کچھ اور ہے

حُور وخیام سے گزر، بادہ وجام سے گزر

وضاحت: يعني اهو ضروري ناهي ته جنتي حُورون، اتي جا محلات ۽ اتي جي پاڪيزه شراب حاصل ڪرڻ لاءِ ئي عبادت ڪرڻي آهي، عبادت خالص بندگي جو حق آهي، انهن شين جي فڪر ڇڏي الله پاڪ جي محبت ۾


 

 



[1]...احياء العلوم، كتاب المحبۃ والشوق...الخ، بيان ان المستحق للمحبۃ...الخ،جلد: 4، صفحہ: 371۔

[2]...تذكرة الاولياء، باب ہشتم، ذكررابعۃ  رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہا ،جلد:1، صفحہ:73 ملتقطًا۔