Book Name:Ibadat Ke Faide

اي عاشقانِ رسول! ڏٺو توهان! بخشيل بخشايل آقا، امت کي بخشائڻ وارا آقا، ٻنهي جهانن جا داتا، نُورِ خُدا  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيتري گهڻي ۽ ڪيتري پابندي سان عبادت ڪندا هئا. پوءِ هتي اهو به غور ڪيو ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون مصروفيتون ڪيتريون هيون؟ ٭اسان تي عموماً هڪ گهر جي ذميواري هوندي آهي، هڪ گهر جي چند فردن جي سار سنڀال ڪرڻي هوندي آهي پر اسان جا آقا، ٻنهي جهانن جا داتا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پوري ڪائنات جا نبي آهن، نبوت جا فرض به انجام ڏيندا هئا ٭ صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان کي علمِ دين به سيکاريندا هئا ٭نيڪي جي دعوت به ڏيندا هئا٭غم خواري به فرمائيندا هئا ٭ مريضن جي عيادت به فرمائيندا هئا ٭ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ ماڻهو فرياد آڻيندا هئا، انهن جي فرياد به ٻڌندا هئا ۽ اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ته هي شان آهي ته جانور به  سندن جي ئي حضور ڏک درد ٻڌائيندا هئا، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي به شفقت ۽ رحمت سان نوازيندا هئا.

ائين سوچيندا وڃو! ڪيتريون مصروفيتون هيون، انهن سڀني مصروفيتن جي باوجود پيارا آقا، نُورِ خُدا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پابندي سان ۽ گهڻي کان گهڻي الله پاڪ جي عبادت ڪندا هئا.

نيڪ ماڻهن جون عبادتون

اهڙي طرح بزرگانِ دين، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها به گهڻي عبادت ڪندا هئا ٭ خواجه سِري سَقطي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه 98 سال دنيا ۾ تشريف فرما رهيا، نزع جي وقت کانسواءِ ڪنهن به توهان کي ڪڏهن ليٽيل نه ڏٺو، هميشه عبادت ڪندا هئا ٭ محمد جريري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هڪ سال مڪه مڪرمه ۾ رهيا، نه سُتا، نه پٺي سڌي ڪيائون، نه پير ڦهلايائون، نمازِ فجر پڙهي ذِڪرُ اللہ شروع ڪندا  هئا، ظهر ٿي ويندي، ظهر کانپوءِ وري ذِڪرِ الٰهي ۾ مصروف هوندا، اييستائين جو عصر ٿي ويندي هئي، عصر کان مغرب تائين، مغرب کان عشاء تائين، عشاء کان وري فجر تائين ويٺي ذِڪرُ اللہ