Book Name:Ibadat Ke Faide
وڌيڪ اهميت ڏيون، باقي ڪجهه ڇٽي ٿو ته ڇٽي، عبادت ۾ سستي هرگز نه اچڻ ڏيون. حضرت سفيان بِن عُيَيْنَه رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: حضرت قيس بن مُسْلِم رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جي عادت هئي ته پاڻ سڄي رات نمازون پڙهندا رهندا هئا، سحري جي وقت ويهي ويندا هئا ۽ الله پاڪ جي حضور روئندا ۽ زاري ڪندا هئا (يعني لڙڪ وهائيندي) چوندا هئا: هي اهو ڪم آهي، جنهن لاءِ اسان کي پيدا ڪيو ويو، خدانخواسته جيڪڏهن اسان جو اختتام خير سان نه ٿيو ته اسان هلاڪ ٿي وينداسين.([1])
گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہوگی ہائے! میں نارِ جہنم میں جلوں گا یاربّ!
عفْو کر اور سدا کے لئے راضی ہوجا گر کرم کر دے تُو جنت میں رہوں گا یاربّ! ([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
الله پاڪ اسان کي به گهڻي عبادت جي توفيق نصيب فرمائي. ڪاش! دل ۾ الله پاڪ جي محبت گهر ڪري وڃي ۽ اسان گهڻي کان گهڻي عبادت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون. اچو! عبادت جي رغبت وڌائڻ لاءِ گهڻي عبادت جا ديني ۽ دنياوي فائدا ٻڌون ٿا:
والدِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو عبادت ڪندو آهي: ٭ الله پاڪ ان سان محبت فرمائيندو آهي ٭ ان کي عظمت ملندي آهي٭ ان جا ڪم سنورجي وڃن ٿا ٭ مشڪلاتن ۾ ان جي مدد ڪئي وڃي ٿي ٭ دشمن جي شر کان بچايو وڃي ٿو ٭ ان جي دل مان وحشت دور ڪئي وڃي ٿي ٭ ان کي بلند همتي عطا ڪئي وڃي ٿي ٭ ان جي دل وسيع ٿي وڃي ٿي، اهو علم آساني سان سکي وٺي ٿو ٭ مخلوق جي دل ۾ ان جي محبت وڌي وڃي ٿي ٭ ان کي برڪت نصيب ٿئي ٿي ايستائين جو ماڻهو ان جي ڪپڙن ۽ گهر مان به برڪت حاصل ڪن ٿا ۽ فائدو کڻن ٿا ٭ عبادت گذار مُسْتَجَابُ الْدَّعْوَات ٿي ويندو آهي يعني ان جي دعا قبول ٿيندي آهي ٭ عبادت سان روح کي تازگي ۽ قوت ملندي آهي،