Book Name:Ibadat Ke Faide
ديدارِ الٰهي جي شوق ۾ عبادت ڪرڻ) سڀ کان اعليٰ ۽ اڪمل ۽ اهلِ محبت جي عبادت آهي.([1])
بهرحال! اسان کي به گهرجي ته شيطاني وسوسن ۾ نه اچون، شيطان ڪن ۾ چوندو: تقدير لکجي چڪي آهي، ڪنهن کي جنت ۾ وڃڻو آهي، ڪنهن کي جهنم ۾ وڃڻو آهي، اهو طئي ٿي چڪو آهي، هاڻي عبادت جو ڪهڙو فائدو...؟ اسان ان کي ڇا چونداسين؟ اسان عبادت گذار آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا امتي آهيون، اسان پنهنجي رب جا ٻانها آهيون، هو اسان کي جنت ڏئي يا دوزخ ۾ وجهي، اهو فيصلو ان جو آهي، اسان ٻانها آهيون، تنهنڪري بندگي (يعني عبادت) ڪندا ئي رهنداسين.
محبوبِ خدا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون عبادتون
صحابئ رسول حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي، الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني، مُحَمَّدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم روزا رکندا هئا ۽ ايتري گهڻي نماز پڙهندا هئا جو توهان جي مبارڪ پيرن تي سوڄ اچي ويندي هئي.([2]) اُمُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ عَنْہا فرمائن ٿيون: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قِيَامُ اللَّیْل (رات جي نفل نماز) هرگز نه ڇڏيندا هئا.([3]) اُمُّ المؤمنين حضرت اُمِّ سلمہ رَضِیَ اللهُ عَنْہا جي روايت موجب پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو معمول مبارڪ هي هو ته رات جو نماز ادا فرمائيندا هئا، پوءِ جيتري دير نماز ادا ڪئي، اوتري ئي دير آرام فرمائيندا هئا، پوءِ اٿندا ۽ جيتري دير آرام ڪيو، اوتري دير نماز ادا فرمائيندا هئا، پوءِ نماز پڙهڻ جي مقدار آرام فرمائيندا، ائين ئي ڪندا رهندا هئا ايستائين جو فجر ٿي ويندي هئي.([4]) حضرت جابِر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آرام فرمائڻ کانپوءِ جڏهن به بيدار ٿيندا هئا ته مسواڪ ڪندا هئا ۽ تازو وضو ڪري نماز ادا ڪندا هئا.([5])
[1]...انوار جمال مصطفےٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ، صفحہ:329- 333 ماخوذًا۔
[2]...تاریخِ مدینہ و دمشق، جلد:4، صفحہ:141۔
[3]...ابوداؤد، کتاب الصلاۃ، باب:قیام اللیل، صفحہ:214، حدیث:1307۔
[4]...ترمذی، کتاب فضائل القرآن، باب:مَا جَاءَ کَیْفَ کَانَتْ قِرَآۃُ النَّبِی، صفحہ:679، حدیث:2923۔
[5]...مجمع الزوائد، کتاب الصلاۃ، جلد:2، صفحہ:462، حدیث:3651۔