Book Name:Ibadat Ke Faide
سرشار ٿي عبادت ڪريو! ڇو ته جنهن جو عمل بي غرض هجي، ان جي جزا نرالي ئي هوندي آهي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
ڇا مان شڪر گذار ٻانهو نه بڻجان!
ڏسو! اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم گناهن کان معصوم آهن، ٻنهي جهانن جا مالڪ آهن، مالڪِ جنت آهن، قاسمِ جنت آهن، الله پاڪ جي عطا سان قيامت جي ڏينهن پنهنجن غلامن ۾ جنت تقسيم فرمائيندا. ان جي باوجود پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم گهڻي عبادت ڪندا هئا، راتين جو ايترو ڊگهو قيام فرمائيندا هئا جو مبارڪ پيرن ۾ سوڄ ٿي ويندي هئي. مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ حضرت عائشه صِديقہ رَضِیَ اللهُ عَنْہا عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان ته اهي آهيو جو توهان جي صدقي ۾ الله پاڪ اڳين پويان جا گناهه بخشي ڇڏيا آهن، ان جي باوجود توهان ايتري گهڻي عبادت ڪريو ٿا. پياري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڏاڍو پيارو جواب ڏنو، فرمايائون: اَفَلَا اَکُوْنُ عَبْدًا شَکُوْرًا ڇا مان الله پاڪ جو شڪر گذار ٻانهو نه بڻجان...؟([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي شان آهي منهنجي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي...!!
هتي هڪ وضاحت ڪري ڇڏيان؛ جنت جي طلب ۾ عبادت ڪرڻ اهو به جائز آهي، جهنم کان بچڻ لاءِ عبادت ڪرڻ، اهو به جائز آهي، البته اهو اخلاص جو هيٺيون درجو آهي. اعليٰ حضرت رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جا والد محترم مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: عبادت جا 4 درجا آهن. (1): جنت جي خواهش ۾ عبادت ڪرڻ (اهو به جائز آهي) (2): عذاب جي خوف کان عبادت ڪرڻ (اهو به جائز آهي) (3): الله پاڪ جي رضا لاءِ عبادت ڪرڻ (4): ديدارِ الٰهي جي شوق ۾ عبادت ڪرڻ، اهو (آخري درجو يعني صرف ۽ صرف