Book Name:Ibadat Ke Faide

عِبَادت ڪريو! ان جي برڪت سان سوچ مثبت ٿي ويندي، ڪردار مثبت ٿي ويندو، اخلاق مثبت ٿي ويندو، انداز مثبت ٿي ويندا، اسان جي پوري جي پوري زندگي جو قبلو درست ٿي ويندو، جڏهن اهو ٿي ويندو ته الله پاڪ جي مهرباني سان اسان سڌي رستي تي به رهنداسين ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب به ٿي وينداسين.

هي آهي عِبَادت ڪرڻ جو هڪ بنيادي فائدو...!! الله پاڪ اسان سڀني کي اِخْلاص سان، نيڪ نيتي سان گهڻي کان گهڻي عِبَادت ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

آيتِ ڪريمه مان ملندڙ سبق

اسان وٽ ڪجهه ماڻهو شيطاني وسوسن ۾ اچي هي چئي عبادت کان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جنت ۽ جهنم جو فيصلو ته ٿي چڪو آهي، تنهنڪري هاڻي عبادت جو ڪهڙو فائدو، جيڪڏهن قسمت ۾ جنت لکيل آهي ته نمازون نه به پڙهنداسين ته به پهچي وينداسين ۽ جيڪڏهن قسمت ۾ جهنم ئي لکيل آهي ته پوءِ ڀلي کڻي جيتري به عبادت ڪيون، وڃڻو ته جهنم ۾ ئي آهي.

مَعَاذَ اللہ! الله پاڪ جي پناهه...!! هي تمام سخت جملا آهن ۽ شيطان جا سخت وار آهن. هن آيتِ ڪريمه تي غور ڪيو! الله پاڪ هي نه فرمايو ته جنت ۾ وڃڻ لاءِ عبادت ڪريو! هي نه فرمايو ته جهنم کان بچڻ لاءِ عبادت ڪريو! بلڪه فرمايائين:

یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اعْبُدُوْا رَبَّكُمُ الَّذِیْ    ترجمو ڪنزُ العرفان : اي انسانو! پنهنجي ربّ جي عبادت ڪيو.

معلوم ٿيو؛ اسان کي عبادت ڪرڻي آهي، ڇو ڪرڻي آهي؟ ان ڪري جو اسان ٻانها آهيون، ان ڪري جو الله پاڪ اسان جو رَبّ آهي، اهو اسان جو خالِق آهي، اسان جو مالِڪ آهي، اسان جو رازِق آهي، اهو اسان کي رزق ڏئي ٿو، اسان کي پاليندو آهي، اسان کي ساهه عطا فرمائيندو آهي، اسان کي زندگي ڏيندو آهي. جنت ڏيڻ، نه ڏيڻ اهو رَبِّ ڪريم جي مرضي