Book Name:Ibadat Ke Faide

ڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺو، پاڻ به فائدو کڻو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي، اچو! هڪ شرعي مسئلو ٻڌون ٿا:

درست ڇا آهي؟

(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلطي جي نشاندهي)

مسئلو: پنهنجو عقيقو نه ٿيو هجي، تڏهن به پنهنجن ٻارن جو عقيقو ڪري سگهجي ٿو.

وضاحت: عوام ۾ مشهور آهي ته جنهن جو پنهنجو عقيقو نه ٿيو هجي اهو پنهنجن ٻارن جو به عقيقو نٿو ڪري سگهي. هي غلط آهي ان جي ڪا حقيقت ناهي. شريعت جو حڪم هي آهي ته عقيقو ڪرڻ مستحب (يعني ثواب جو ڪم) آهي. اولاد پنهنجن والدين لاءِ نعمت هوندي آهي، عقيقو ان نعمت جو شڪرانو آهي. ان ڪري جنهن وٽ اولاد هجي، جيڪڏهن ڪري سگهي ته انهن جو عقيقو ضرور ڪري. اهڙي طرح جيڪي وڏا ٿي چڪا آهن ۽ ننڍپڻ ۾ انهن جو عقيقو نه ٿيو آهي ته جيڪڏهن چاهين ته پنهنجو عقيقو پاڻ به ڪري سگهن ٿا.[1]

اسماءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)

یَا عَدْلُ

جيڪو به مغرب جي نماز کانپوءِ یَاعَدْلُ هڪ هزار ڀيرا پڙهندو ته آسماني بلائن کان نجات ماڻيندو.([2]) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد



[1]...فتاویٰ اہلسنت غیر مطبوعہ،  فتوی نمبر:Aqs875۔

[2]...مدنی پنج سورہ، صفحہ:250۔