Book Name:Ibadat Ke Faide

وقت ئي وقت آهي ٭ موبائل ۽ سوشل ميڊيا (Soci٭l Medi٭) لاءِ اسان هر وقت دستياب (٭v٭il٭ble) آهيون ٭ ڪو مداري اچي وڃي ته ان جي چوڌاري ميڙ ڪرڻ جو به وقت آهي ٭ کيڏڻ لاءِ به وقت آهي ٭ رستن تي وڏيون وڏيون ايل سي ڊيز (L.C.Ds) لڳائي رات تائين ميچ وغيره ڏسڻ ۽ هُل مچائڻ جو به وقت ملي وڃي ٿو. ها! اسان کي وقت نٿو ملي ته صرف عبادت لاءِ نٿو ملي ٭ اسان کي وقت نٿو ملي ته اشراق ۽ چاشت لاءِ نٿو ملي ٭ وقت ناهي ته اَوَّابين جي نوافل لاءِ ناهي ٭  وقت ناهي ته نيڪ اجتمن ۾ شرڪت جو وقت ناهي ٭ مدني قافلن ۾ سفر جو وقت ناهي  ٭ نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو وقت ناهي ٭ علم سکڻ جو وقت ناهي  ٭ جيڪڏهن وقت ناهي ته قبر ۽ آخرت جي تياري جو وقت ناهي ٭ ان کانسواءِ دنياوي ڪمن لاءِ اسان وقت ڪڍي ئي وٺون ٿا.

ڪاش! اسان کي فڪرِ آخرت نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان پنهنجي آقا و مولا، مُحَمَّدِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي عملي طور تي پنهنجو آئيڊيل (Ide٭l)  بڻائڻ ۽ پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي سيرتِ پاڪ کي زندگي ۾ نافذ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون. ڪاش! عبادت جي توفيق ملي وڃي.

عبادت میں گزرے مِری زِندگانی                          کرم  ہو کرم یا  خدا  یااِلٰہی([1])

اسان جي زندگي جو مقصد

سيپارو 27، سورت ذَارِيَات، آيت: 56 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ مَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْاِنْسَ اِلَّا لِیَعْبُدُوْنِ(۵۶)    (سيپارو: 27، الذاريات: 56)

ترجمو ڪنزُالعرفان: ۽ مون جن ۽ انسان انهي ڪري پيدا ڪيا ته جيئن منهنجي عبادت ڪن.

هن آيت مان معلوم ٿيو ته اسان هن دنيا ۾ الله پاڪ جي عبادت لاءِ ئي آيا آهيون. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان عبادت کي هر شيءِ کان


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:105۔