Book Name:Ibadat Ke Faide

طبيبن (Doctors) موجب صحت جي حفاظت لاءِ عبادت کان بهتر ڪا شيءِ ناهي، جيڪو شخص رياضت ڪندو آهي ان جي دل خوش ۽ بدن چست رهندي آهي ٭ عبادت گذار موت جي سختي کان محفوظ رهندو ٭ ان کي ايمان تي ثابت قدمي نصيب ٿيندي ٭ ان کي جوارِ رحمت ۾ جاءِ ملندي آهي ٭ ملائڪ ان کي قبر جي عذاب کان بچائيندا آهن ۽ نڪيرَين جي سوالن جا جواب سيکاريندا آهن ٭ ان جي قبر روشن ۽ فراخ ڪئي وڃي ٿي ٭ قيامت جي ڏينهن ان کي تاج پارايو ويندو ٭ عبادت گذار ميدانِ محشر ۾ بُراق تي سوار ٿي ايندو ٭ ان جو حساب نه ٿيندو، ٿيو به ته آساني سان ورتو ويندو ٭ ان کي حوضِ ڪوثر مان پاڻي پيئڻ نصيب ٿيندو جو پوءِ ڪڏهن به اڃ نه لڳندي ٭ عبادت گذار پل صراط تي آساني سان گذرندو ٭ رضاءِ الٰهي سان مشرف ٿيندو ٭ عبادت گذار قيامت جي ڏينهن عرشِ الٰهي جي ڇانوَ ۾ جاءِ پائيندو ٭ قيامت جي ڏينهن ان کي ديدارِ الٰهي نصيب ٿيندو ۽ هي نعمت سڀني نعمتن کان افضل آهي.[1]

مِری زِندگی بس تری بندگی میں                              ہی اے کاش گزرے سدا یااِلٰہی! ([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

مدني قاعدو (Madani Qaida)موبائيل ايپلي ڪيشن

پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمنٽ هڪ موبائيل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعدو*(Madani Qaida)هن ايپلي ڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جو آڊيو*(Audio)شامل ڪيو ويو آهي يعني هن ايپلي ڪيشن ۾ توهان مدني قائدي جي جنهن حرف يا جنهن لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندؤ، آڊيو*(Audio)۾ ان جو تلفظ هلندو، ائين هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان آساني سان مدني قاعدو پڙهي، ان جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگهجي ٿي. هي ايپلي


 

 



[1]...انوارِ جمالِ مصطفٰے صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ، صفحہ:334 ملخصًا۔

[2]...وسائلِ بخشش،صفحہ:106۔