Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442
آهي ڪو توبه ڪرڻ وارو جو ان جي توبه قبول ڪئي وڃي، نَائين دروازي جو ملائڪ صدا لڳائي رهيو هو: آهي ڪو بخشش طلب ڪرڻ وارو جو ان جي مغفرت ڪئي وڃي؟ ڏهين دروازي تي ملائڪ پُڪاري رهيو هو: آهي ڪو دُعا ڪرڻ وارو جو ان جي دُعا قبول ڪئي وڃي۔
اهي رَحمت ڀريا منظر ڏسي سرڪارِ عالي وقار، اسان بيڪسن جي مددگار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اي جبريل! اهي دروازا ڪيستائين کليل رهندا؟ عرض ڪيائين: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! فجر طُلوع ٿيڻ تائين۔ پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اڄوڪي رات ٻڪرين جي وارن کان به وڌيڪ ماڻهن جي مغفرت ڪئي ويندي آهي، اڄوڪي رات ماڻهن جي سڄي سال جا عمل (آسمانن ڏانهن) بلند ڪيا ويندا آهن ۽ اڄوڪي رات رِزق تقسيم ٿيندو آهي۔ (تاریخ اِبْنِ عساکر، جلد:51، صفحہ:72-73)
شَبِ براءَت میں ملتی ہے مومنوں کو نجات عجیب نور میں ڈھلتے ہوئے ملے لمحات
نویدِ جنّت و فردوس سب کو ملتی ہے خدا کے فضل سے ٹلتی ہیں دُنیوی آفات
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄوڪي رات توبه جي رات آهي، اسان جي زِندگي ۾ ڪيترا ڀيرا شَبِ بَرَاءَت آئي ۽ گذري به وئي، هر سال اسان بيان ٻڌندا آهيون، نيڪ بڻجڻ جي نيت ۽ اِرادو ڪندا آهيون پر افسوس! دُنياوي ڪمن ۾ مَصرُوف ٿي پنهنجن ارادن ۾ ناڪام ٿي ويندا آهيون، الله پاڪ جو ڪيترو وڏو اِحسَان آهي جو هن زِندگي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اسان کي اها مبارڪ رات عطا فرمائي آهي، اچو! اڄ پَڪي، سچي توبه ڪيون ٿا، حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ کَمَنْ لَّاذَنْبَ لَہٗ گُنَاھ کان توبه ڪرڻ وارو ائين آهي جيئن ان گُنَاھ ڪيو ئي ناهي۔ (ابن ماجہ، کتابُ الزُّہد، باب: ذِکْرُ التّوبہ، صفحہ:689، حدیث:4250x`)