Book Name:Farooq e Azam Ki Nirali Shanein

هوندو، ان کي ماڻهو عمر بن خطّاب چوندا، اهو سڀ کان بهتر دين وارو هوندو، ان جو يقين ڏاڍو پختو هوندو، جيستائين اهو دنيا ۾ رهندو انهن جو دين غالب رهندو، ماڻهو الله پاڪ جي رسي کي مضبوط پڪڙي رهندا، جهنم تي تالا لڳل رهندا، جڏهن عمر دنيا مان هليو ويندو ته يقين ڪمزور پئجي ويندا، نيڪ ماڻهن جون زندگيون گهٽ ٿي وينديون، ماڻهو فرقن ۾ ورهائجي ويندا، تڏهن جهنم جا تالا کولي ڇڏيا ويندا ۽ ماڻهو ان ۾ ڪِرڻ لڳندا.([1])

فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  اسلام کي عزت ڏني

  سُبْحٰنَ الله! اي عاشقانِ صحابه ۽ اهلِ بيت! ڪيڏي نه نرالي شان آهي، حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  اڃا دنيا ۾ تشريف کڻي نه آيا هئا، ان کان پهريان ئي جيڪي ماڻهو پوين آسماني ڪتابن جي تلاوت ڪندا هئا، آسماني ڪتابن جا عالم هئا، پهرين نبين جي ارشادن کي ڄاڻيندا هئا، انهن کي معلوم هو ته امتِ مصطفيٰ ۾ هڪ شخص هوندو *ان جو نالو عمر بن خطّاب هوندو *ان جو دين بهتر ۽ يقين نهايت پختو هوندو *جيستائين اهو دنيا ۾ رهندو، دين غالب رهندو، ماڻهو جهنم کان بچيل رهندا ۽ جڏهن اهو دنيا مان هليو ويندو ته جهنم جا تالا کولي ڇڏيا ويندا.

  پيارا اسلامي ڀائرو! هتي ٿورو دعاءِ مصطفيٰ جي اثر انگيزي به ڏسو! الله پاڪ جي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم  دعا ڪئي هئي اَللّٰہُمَّ اَعَزِّ الْاِسْلَامَ بِعُمَربْنِ الْخَطَّاب اي الله پاڪ! عمر بن خطّاب جي ذريعي اسلام جي عزت بلند فرماءِ.([2])

 انهيءَ دعاءِ مصطفيٰ جي برڪت هئي جو جنهن ڏينهن حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  اسلام قبول فرمايو، ساڳئي وقت مسلمانن خوشيءَ سان الله اڪبر جو نعرو لڳايو، جنهن جو آواز مڪه مڪرمه ۾ پري پري تائين ٻڌو


 

 



[1]...تاريخ دمشق، جلد:44، صفحہ:334۔

[2]...ابن ماجہ، فضل عمر رَضِیَ اللہُ عنہ ، صفحہ:31، حدیث:105 ۔