Book Name:Farooq e Azam Ki Nirali Shanein
ہر صحابئ نبی! جنّتی جنّتی سب صحابیات بھی! جنّتی جنّتی
چار یارانِ نبی! جنّتی جنّتی حضرتِ صدیق بھی! جنّتی جنّتی
اور عمر فاروق بھی ! جنّتی جنّتی عثمانِ غنی! جنّتی جنّتی
فاطِمہ اور علی! جنّتی جنّتی
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جو تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! ٭ پهرين مُحرم الحرام تي يومِ فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ ملهايو ويندو آهي ٭ حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا تمام پيارا صحابي آهن ٭ پاڻ مسلمانن جا ٻيا خليفا آهن ٭ دنيا ۾ سلطانِ دو جهان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا خاص وزير آهن ٭ الله پاڪ کين نهايت ئي اعليٰ شان عطا فرمايا آهن. يقينًا ٻين صحابه ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان وانگر تورات ۽ انجيل ۾ سندن به ذڪرِ خير موجود هو، انهن پوين آسماني ڪتابن ۾ حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جا ڪهڙا ڪهڙا شان بيان ٿيا، اچو! هن حوالي سان ڪجهه روايتون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا:
ديني احڪام لاڳو ڪرڻ ۾ سختي ڪندڙ حاڪم
هڪ ڀيري مسلمانن جا ٻيا خليفا حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ هڪ پادريءَ کان پڇيو: ھَلْ تَجِدُوْنَا فِیْ شَیْءٍ مِّنْ کُتُبِکُمْ يعني ڇا توهان جي ڪتابن ۾ اسان جي باري ۾ به ڪجهه لکيل آهي؟ پادريءَ ها ۾ جواب ڏنو، حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ پڇيو: کَیْفَ تَجِدُوْنِیْ مون کي پنهنجي ڪتابن ۾ ڪيئن ٿا ڏسو؟ پادريءَ چيو: قَرْنٌ مِّنْ حَدِیْدٍ يعني اسان جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته اوهان