Book Name:Farooq e Azam Ki Nirali Shanein

حق ۽ باطل کان جدا ڪرڻ ۽ هدايت ڏيڻ وارا سچا امام حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  ان تلوار جيان آهن جيڪا اسلام جي حمايت ۾ سختي سان بلند ڪئي ويندي آهي سندن رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  تي لکين سلام هجن.

فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  مسلمانن تي رحيم ۽ ڪريم آهن

حضرت ڪعبُ الْاَحْبَار رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  بلند رتبي وارا تابعي آهن. جڏهن بَيْتُ الْمُقَدَّسْ فتح ٿيو، ان وقت حضرت ڪعب الاَحْبَار رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  جي حضرت عمر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  سان پهرين ملاقات ٿي، ساڳئي وقت حضرت ڪعب رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ   ڪلمو پڙهي اسلام به قبول ڪيو..([1])

۽ انهيءَ موقعي تي حضرت ڪعب الاَحْبَار رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  ٻڌايو ته الله پاڪ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي: اهڙا شهر جن ۾ بني اسرائيل جو رهائشگاهه هوندو، انهن جي فتح هڪ اهڙي شخص جي هٿان ٿيندي *جيڪو نيڪوڪار هوندو * مسلمانن تي رحم ڪندڙ ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ (Painful) عذاب هوندو * ان جو ظاهر ۽ باطن هڪ جهڙو هوندو، ان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هوندو *پنهنجا ۽ پراوا سڀ ان جي نظر ۾ برابر هوندا *ان جا ساٿي راتين جو عبادت ڪندڙ *ڏينهن جو روزا رکندڙ ۽ *ماڻهن جا غمخوار هوندا.([2])

سُبْحٰنَ الله! اي عاشقانِ صحابه ۽ اهلِ بيت! هي سڀ صفتون حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  جون بيان ٿي رهيون هيون * پاڻ نيڪوڪار به آهن   * مسلمانن تي رحم ڪندڙ به آهن * عدل ۽ انصاف قائم ڪندڙ به آهن ۽      * پاڻ ئي اها هستي آهن جن ڪافرن جا شهر فتح ڪيا * ايتري قدر جو قيصر ۽ ڪِسريٰ جي محلاتن تي به اسلام جو جهنڊو بلند فرمايو.

اَشِدَّاءُ عَلَی الْکُفَّار کے مصداقِ اَعلیٰ ہیں                  مُذِلِّ کُفر وطُغیاں حضرتِ فاروق اعظم ہیں

وہ عالَم دَبدبہ کا  کانپتے ہیں قیصر وکسریٰ                       ہے جن سے دین کی شاں حضرتِ فاروق اعظم ہیں ([3])


 

 



[1]...فتوح الشام، ذکر مدینۃ بیت المقدس، جلد:1، صفحہ:233خلاصۃً۔

[2]...الریاض النضرۃ، الباب الثانی، الفصل التاسع، ذکر نبذۃ من فضائلہ، صفحہ:274۔

[3]...دیوانِ سالک، صفحہ:73-75۔