Book Name:Farooq e Azam Ki Nirali Shanein
ويو، ان ڏينهن مسلمانن پهريون ڀيرو مسجدِ حرام ۾ اعلانيه نماز ادا ڪئي، ان ڏينهن کان وٺي حضرت عمر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي وصالِ ظاهري تائين اسلام جون عزتون بلند کان بلند تر ئي ٿينديون ويون، اسلام پري پري تائين پکڙيو، عدل ۽ انصاف (Justice) جو بي مثال نظام قائم ٿيو ۽ ڪفار جي محلاتن تي به اسلام جو جهنڊو بلند ٿي ويو.
اي عاشقانِ رسول! هي آهي دعاءِ مصطفيٰ جو اثر...!! حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جيستائين دنيا ۾ رهيا، اسلام جي عزت بلند کان بلند تر ئي ٿيندي وئي پر افسوس! پاڻ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي وصال کانپوءِ مختلف فتنن ڪَرُ کڻڻ شروع ڪيو.
فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فتنن جو تالو آهن
هڪ ڀيري حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ ۽ حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي ملاقات ٿي، حضرت عمر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ حضرت ابوذر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ سان هٿ ملايو ۽ پيار سان سندن هٿ مبارڪ دٻايو، ان تي حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ چيو: دَعْ يَدِيْ يَا قُفْلَ الْفِتْنَةِ يعني اي فتني جا تالا! منهنجو هٿ ڇڏي ڏي.
حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ ان جي وضاحت پڇي ته حضرت ابوذر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ عرض ڪيو: هڪ ڏينهن الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اوهان کي ڏسي فرمايو هو: لَا تُصِيْبُكُمْ فِتْنَةٌ مَّا دَامَ هٰذَا فِيْكُمْ يعني جيستائين هي (يعني حضرت عمرِ فاروق رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ توهان جي وچ ۾ موجود آهن، توهان کي ڪو به فتنو نه پهچندو.([1])
فاروقِ اعظم اسلام جو مضبوط قلعو
حضرت زيد بن وهب رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري اسان صحابي رسول حضرت عبدالله بن مسعود رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي خدمت ۾ حاضر هئاسين، مسلمانن