Book Name:Farooq e Azam Ki Nirali Shanein

لوهه جو سڱ آهيو. پاڻ فرمايائون: لوهه جو سڱ! ان جو ڇا مطلب آهي؟ پادري چيو: اَمِیْرٌ شَدِیْدٌ يعني (ديني احڪام لاڳو ڪرڻ ۾) سختي ڪندڙ حاڪم. ان تي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  الله پاڪ جو شڪر ادا ڪندي فرمايو: الله پاڪ سڀ کان وڏو آهي، سموريون تعريفون ان لاءِ ئي آهن.([1])

اهلِ نجران جي گواهي

   هڪ ڀيري اَمِيْرُ الْمُؤْمِنِيْن حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  گهوڙي تي سوار ڪنهن هنڌ وڃي رهيا هئا، اوچتو سندن پني مبارڪ تان ڪپڙو هٽي ويو، اتفاق سان ساڳئي وقت اهلِ نجران (جيڪي ڪافر هئا، انهن) مان ڪنهن جي نظر سندن پني مبارڪ تي پئي، اتي ڪارو نشان هو، ان تي اهلِ نجران چيو: ھٰذَا الَّذِیْ نَجِدُ فِیْ کِتَابِنَا یُخْرِجُنَا مِنْ اَرْضِنَا يعني هي اهو ئي شخص آهي جنهن بابت اسان جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته هي اسان کي اسان جي زمين مان ڪڍي ڇڏيندو.([2])

   الله اڪبر! اي عاشقانِ صحابه ۽ اهلِ بيت! ڏٺو اوهان! پوئين آسماني ڪتابن ۾ حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  جو ذڪرِ خير ڪيتري تفصيل سان موجود هو، ڪافرن صرف سندن پِني مبارڪ تي ڪارو نشان ڏٺو، انهيءَ مان ئي هو کين سڃاڻي ويا.

بَيْتُ الْمُقَدَّسْ ڪيئن فتح ٿيو...؟

بَيْتُ الْمُقَدَّسْ جيڪو تمام مبارڪ شهر آهي، اهو پهريون ڀيرو حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  جي دورِ خلافت ۾ فتح ٿيو، ان جي فتح جو واقعو ڏاڍو حيران ڪندڙ آهي، ٿيو ايئن جو حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  حضرت ابوعُبَيْدَه بن جَرَّاح رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  کي سپهه سالار بڻايو ۽ هڪ لشڪر ڏئي


 

 



[1]...مناقب امیر المؤمنین عمر بن الخطاب لابن الجوزی، الباب الرابع، فی صفۃ  فی التوراۃ، صفحہ:15۔

[2]...مجمع الزوائد، باب مناقب عمر بن الخطاب، باب فی صفۃ، جلد:9، صفحہ:32، حدیث:14400۔