Book Name:Farooq e Azam Ki Nirali Shanein

کان جان ڇڏايون * ذاتي جهڳڙا ختم ڪري سڀ هڪ ٿي وڃون * اتفاق ۽ اتحاد سان سڀ عاشقانِ رسول ملي ڪري دين جي خدمت ڪيون * اسان پنهنجو ڪردار دين مطابق بڻايون * پنهنجا ڪم دين ۽ شريعت مطابق ترتيب ڏيون  * پنهنجر چال چلت بدلايون * پنهنجو طرزِ زندگي (Lifestyle) اسلامي اصولن مطابق بڻايون * اچو! سنتن جي هلندڙ ڦرندڙ تصوير بڻجون * مٿي تي عمامو هجي * چهري تي ڏاڙهي هجي * زبان تي سچائي هجي * ڪردار ۾ امانتداري * همدردي * رحم دلي * عدل ۽ انصاف هجي * دل ۾ الله ۽ رسول جي محبت * للٰهيت ۽ اخلاص هجي، اهڙيءَ طرح اسان پاڪيزه زندگي گذاريون، پاڻ به نيڪ بڻجون ۽ ٻين جي ترغيب  (Motivation)  جو سامان به بڻجون.

عمل کا ہو جذبہ عطا یاالٰہی!                                          گُناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی!

لباس اپنا سنّت سے آراستہ ہو                                      عِمامہ ہو سر پر سجا یاالٰہی!

سبھی  رُخ پہ اک مُشت داڑھی سجائیں                           بنیں عاشقِ مصطَفےٰ یاالٰہی!

ہو اَخلاق اچّھا ہو کردار سُتھرا                                     مُجھے     متّقی     تُو     بنا    یاالٰہی! ([1])

المدينه آن لائن لائبريري

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جو آءِ. ٽي. ڊپارٽمينٽ ڏينهون ڏينهن اسان کي علمِ دين سکڻ جا آسان ذريعا فراهم ڪرڻ ۾ مصروف آهي. سَوَين ڪتابن ۽ رسالن تي مشتمل المدينه آن لائن لائبريري جيڪا پهرين صرف ڊيسڪ ٽاپ ورزن (Desktop version) ۾ هئي، هاڻي ويب ورزن (Web version) ۾ لائيو (Live) ڪري ڇڏي وئي آهي. المدينه آن لائن لائبريري ۾ مڪتبة المدينه جا مختلف موضوعن (مثال طور قرآن ۽ سنت، عقائدِ اسلام، فقه ۽ فتاويٰ، اسلامي تعليمات، اخلاق ۽ آداب، سيرتِ رسولِ عربي، سيرتِ امهاتُ المؤمنين، سيرتِ صحابه ۽ صحابيات، سيرتِ اولياءِ


 

 



[1]...وسائل بخشش، 102-104۔