Book Name:Farooq e Azam Ki Nirali Shanein

غرض اها ڪهڙي برائي آهي جيڪا اڄ مسلمانن جي ڪردار ۾ ڏسڻ ۾ نٿي اچي...!! ياد رکو! اسان جو منفي (Negative) ڪردار صرف اسان لاءِ نه، الله پاڪ جي پاڪيزه دين، دينِ اسلام جي حق ۾ نقصانڪار آهي، ماڻهو اسان مسلمانن کي ڏسي اسلام جي تصوير پنهنجن ذهنن ۾ ويهاريندا آهن.

هڪ مُفَڪِّر انگريز جو عبرتناڪ جواب

شيخ الحديث، حضرت علامه عبد المصطفيٰ اعظمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مون کي هڪ مُفَڪِّر انگريز جي ڳالهه بار بار ياد ايندي آهي، ان کان ڪنهن مسلمان پڇيو هو: تون صاحبِ نظر (يعني عقلمند) آهين، پوءِ مسلمان ڇو نٿو ٿين؟ ان تي انگريز اهڙو عبرتناڪ جواب ڏنو جو اهو ٻڌي هر غيرتمند مسلمان جي پيشانيءَ تي ندامت سان پگهر اچي وڃي. هن چيو: مان جڏهن ان اسلام کي ڏسان ٿو جيڪو اسلامي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته منهنجي دل ۾ اسلام جي حقانيت گهر ڪري وڃي ٿي، پر جڏهن مان ان اسلام کي ڏسان ٿو جنهن تي اڄ جا مسلمان عمل ڪري رهيا آهن ته منهنجي دل ۾ اسلام کان انتهائي نفرت پيدا ٿي وڃي ٿي.[1]

بَن گئے تنکے نشیمن کے قفس کی تیلیاں                     بَن گیا کیا؟ ہم چلے تھے کیا بنانے کے لئے

وضاحت:  اسان جو ارادو گهر اڏڻ جو هو، پر اهو قيد خانو بڻجي پيو. اسان ڇا پئي بڻايو ۽ اهو ڇا بڻجي ويو؟ مطلب ته اسان غلط واٽ جا راهي ٿي پياسين. جڏهن ته اسان کي ٻين لاءِ هڪ مثالي زندگي بڻجڻو هو، ته جيئن اسان جي ڪري اسلام کي عروج ملي، پر معاملو ئي بگڙجي ويو ۽ ماڻهو اسان جي ئي عملن سبب اسلام کان بيزار ٿيڻ لڳا.

اي عاشقانِ رسول! اسان مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  جو ذڪرِ خير ٻڌو، پاڻ سڄي زندگي اسلام جي سربلنديءَ لاءِ گذاري، اچو! اسان به دل مان دنيا جي محبت ڪڍون * مال ۽ دولت جي حرص


 

 



[1]...عرفانی تقریریں، بیان: زوال کے  اسباب، صفحہ:101بتغیر قلیل۔