Book Name:Farooq e Azam Ki Nirali Shanein
فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جهنم کان رڪاوٽ آهن
حضرت اُمِّ ڪلثوم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ ما سرورِ عالم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري ڏوهٽي يعني سيّده فاطمة الزهرا رَضِیَ اللهُ عَنْہما جي شهزادي آهي، پاڻ حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي زوجيت ۾ هئي، هڪ ڏينهن حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ ڏٺو ته حضرت اُمِّ ڪلثوم رَضِیَ اللهُ عَنْہا زارو قطار روئي رهيون آهن، پاڻ روئڻ جو سبب پڇيو ته زوجه محترمه عرض ڪيو: اي اَمِيْرُ الْمُؤْمِنِيْن! ڪعبُ الْاَحْبَار چئي ٿو ته اوهان جهنم جي دروازي تي آهيو.
حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ اهو ٻڌي ته سندن تي خوفِ خدا طاري ٿي ويو، پاڻ فوراً حضرت ڪعبُ الْاَحْبَار رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کي گهرايائون. حضرت ڪعب رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ حاضر ٿيندي ئي عرض ڪيو: اي اَمِيْرُ الْمُؤْمِنِيْن! مون تي جلدي نه ڪريو! الله پاڪ جو قسم! ذوالحج جو مهينو ختم ٿيندي ئي اوهان جنت ۾ تشريف وٺي ويندا.
حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ اها ڳالهه ٻڌي ته حيرت مان فرمايائون: اَيَّ شَيْءٍ هٰذَا مَرَّةً فِي الْجَنَّةِ وَمَرَّةً فِي النَّارِ؟ يعني اي ڪعب! هي ڪهڙي ڳالهه ٿي...؟؟ ڪڏهن چئو ٿا مان جهنم جي دروازي تي آهيان، ۽ ڪڏهن چئو ٿا مان جنتي آهيان؟ حضرت ڪعب رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ عرض ڪيو: وَالَّذِيْ نَفْسِيْ بِيَدِهٖ! اِنَّا لَنَجِدُكَ فِيْ كِتَابِ اللہِ عَلٰى بَابٍ مِّنْ اَبْوَابِ جَهَنَّمَ تَمْنَعُ النَّاسَ اَنْ يَقْعُوْا فِيْهَا، فَاِذَا مِتَّ لَمْ يَزَالُوْا يَقْتَحِمُوْنَ فِيْهَا اِلٰى يَوْمِ الْقِيَامَةِ يعني اي اَمِيْرُ الْمُؤْمِنِيْن! ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي! اسان الله پاڪ جي ڪتاب ۾ پڙهيو آهي ته اوهان جهنم جي دروازي تي آهيو ۽ ماڻهن کي جهنم ۾ ڪِرڻ کان روڪي رهيا آهيو، جڏهن اوهان دنيا مان تشريف وٺي ويندا ته ماڻهو قيامت تائين جهنم ۾ ڪِرندا رهندا.([1])