Book Name:Farooq e Azam Ki Nirali Shanein
جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جو ذڪرِ خير ٿيو، سندن نالو ٻڌي حضرت عبدالله بن مسعود رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ زار و قطار روئڻ لڳا، ايتري قدر جو سندن ڳوڙهن سان چٽائي آلي ٿي وئي. پوءِ پاڻ فرمايائون: بيشڪ فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ اسلام لاءِ مضبوط قلعو هئا، جنهن ۾ ماڻهو داخل ته ٿي سگهندا هئا پر نڪري نه سگهندا هئا. افسوس! جيئن ئي حضرت عمر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جو انتقال ٿيو، ماڻهو اسلام کان ٻاهر نڪرڻ لڳا.([1])
جنهن ڏينهن حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جو انتقال ٿيو، ان ڏينهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم جي رضاعي (يعني کير جي رشتي سان) والده حضرت اُمِّ اَيْمَن رَضِیَ اللهُ عَنْہا فرمايو: اَلْيَوْمَ وَهِيَ الْاِسْلَامُ يعني اڄ اسلام ڪمزور ٿي ويو.([2])
بہارِ باغِ ایماں حضرتِ فاروقِ اعظم ہیں چراغِ بزمِ عرفاں حضرت فاروقِ اعظم ہیں
عمر عامر ہیں دیں کے حق تعالیٰ ان کا ناصر ہے دِلِ مومن کے تاباں حضرتِ فاروق اعظم ہیں([3])
وضاحت: بيشڪ ايمان جي باغ جي رونق ۽ معرفت جي مجلس جو ڏيئو حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ آهن. اهي ئي آهن جن الله تعاليٰ جي نصرت سان اسلام کي طاقت بخشي ۽ مؤمنن جي دلين کي نور سان چمڪايو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہما کان روايت آهي، روزِ قيامت جڏهن حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيندا، ان