Book Name:Farooq e Azam Ki Nirali Shanein
بھٹک سکتا نہیں ہر گز کبھی وہ سیدھے رستے سے کرم جس بخت ور پر ہو گیا فاروقِ اعظم کا
خُدا کی خاص رحمت سے، مُحَمَّد کی عنایت سے جہنّم میں نہ جائے گا، گدا فاروقِ اعظم([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اٿ! اي جهنم جي تالي جا پٽ...!!
پيارا اسلامي ڀائرو! ساڳئي مفهوم جي هڪ ٻي روايت به آهي، حضرت عبدالله بن سلام رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جيڪي بلند رتبي وارا صحابي رسول آهن، پاڻ تورات شريف جا وڏا عالم هئا، هڪ ڀيري پاڻ ڏٺائون ته هڪ شخص چادر ويڙهي سُتو پيو آهي، پاڻ کيس پير سان لوڏي چيو: ڪير آهين؟ سمهڻ واري اٿي چيو: اَمِيْرُ الْمُؤْمِنِيْن (يعني حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ ) جو پٽ عبدالله بن عمر آهيان. ان تي حضرت عبدالله بن سلام رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمايو: قُمْ يَا اِبْنَ قُفْلِ جَهَنَّم يعني اي جهنم جي تالي جا پٽ! اٿو! پنهنجي والدِ محترم بابت اهڙا لفظ ٻڌي حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْہما کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، پاڻ فوراً پنهنجي والدِ محترم حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ چيائون: ابا جان! حضرت عبدالله بن سلام رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ اوهان کي جهنم جو تالو چون ٿا. حضرت عمر فاروق رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کي به اهو ٻڌي ڏاڍي حيرت ٿي، پاڻ فوراً حضرت عبدالله بن سلام رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ وٽ تشريف وٺي آيا ۽ پڇيائون: اي ابنِ سلام! معلوم ٿيو آهي ته اوهان مون کي جهنم جو تالو چئو ٿا؟ حضرت عبدالله بن سلام رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ عرض ڪيو: جي ها! چيو آهي. پڇيائون: اوهان کي ڪيئن معلوم ٿيو ته مان جهنمي آهيان؟ حضرت عبدالله بن سلام رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ عرض ڪيو: مَعَاذَ الله! مون اوهان کي جهنمي نه چيو آهي بلڪ جهنم جو تالو چيو آهي، مون کي منهنجي والد روايت ٻڌائي هئي ته الله پاڪ جي نبي حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام فرمايو: امتِ محمد ۾ هڪ شخص