Book Name:Farooq e Azam Ki Nirali Shanein
وقت اسلام عرض ڪندو: يَا رَبِّ هٰذَا عُمَرُ اَعَزَّنِيْ فِيْ دَارِ الدُّنْيَا فَاَعِزْهُ فِيْ عَرَصَاتِ الْقِيَامَةِ يعني اي ربِ رحمان ۽ رحيم! هي عمر آهي، هن دنيا ۾ منهنجي عزت بلند ڪئي، اڄ ميدانِ قيامت ۾ تون کيس عزت عطا فرماءِ.
ان سان گڏ ئي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کي 2 جبا پهرايا ويندا، انهن جبن جي خوشبو اهڙي هوندي جو انهن مان هڪ به دنيا ۾ کولي ڇڏجي ته سڄي دنيا ان جي مهڪ سان معطر ٿي وڃي. حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کي نوراني اڏاچيءَ تي ويهاريو ويندو، سندن اڳيان 70 هزار جهنڊا لهرائي رهيا هوندا، ان وقت ميدانِ محشر ۾ هڪ آواز گونجندو: یٰاَهْلَ الْمَوْقَفِ هٰذَا عُمَرُ فَاعْرِفُوْهُ اي اهلِ محشر! هي عمر آهي، کيس سڃاڻي وٺو...!([1])
اي عاشقانِ صحابه ۽ اهلِ بيت! حضرت عمرفاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جيستائين دنيا ۾ تشريف فرما رهيا، اسلام جي سربلنديءَ لاءِ ڪوشان رهيا۔ *پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم سان گڏ جنگين ۾ به شريڪ ٿيا *جان هٿيليءَ تي رکي اسلام جي خاطر وڙهيا *اسلام جي سربلنديءَ خاطر پاڻ پنهنجو پاڻ کي مشقت ۾ به وڌو *دنيا ۾ نظامِ عدل قائم ٿيو، ان لاءِ پاڻ بکيا به رهيا *تقريبن اڌ دنيا جو رعبدار خليفو هجڻ جي باوجود پاڻ پيوند لڳل ڪپڙا به پهريا *قربانيون ڏنيون *مشقتون برداشت ڪيون * پنهنجي خواهشن کي دٻائي هميشه اسلام کي ئي سربلند ڪيو.
ان ۾ اسان لاءِ درس آهي، افسوس! اسان پنهنجي خواهشن جي تڪميل خاطر، پنهنجي آرام لاءِ، اسلام جي سربلنديءَ جي پرواهه ناهيون ڪندا، اسان جي ڪردار کي ڏسي ڪافر اسلام کان نفرت ڪرڻ لڳندا آهن، افسوس! دنيا جي محبت، مال ۽ دولت جي حرص، پنهنجي انا لاءِ، ذات پات جي نالي تي بيجا جهڳڙا، قتل ۽ غارت گري، دغابازي، ڪوڙ، بهتان تراشي، دوکيبازي،