Book Name:Ibadat Ke Faide

سبب آهي جو اهو انسان وٽ پيدا نه ٿيو؟ ڪو ته آهي جنهن جو فيصلو نافذ آهي، ڪو ته آهي جنهن جي حڪم سان اسان انسان بڻجي وياسين ۽ گهڻي مخلوق جانور ٿي وئي. بس اهو ئي جنهن جو حڪم هلي رهيو آهي، جنهن جو فيصلو نافذ ٿي رهيو آهي، اهو خُدا آهي، اهو ئي عِبَادت جي لائق آهي.

  مطلب: هر انسان کي حڪم آهي ته جيئن ته توهان جو خالِق به الله آهي، توهان جو مالِڪ به الله آهي، توهان کي زندگي جا اسباب به الله پاڪ ئي ڏئي ٿو، توهان کي پاليندو به الله پاڪ ئي آهي، تنهنڪري اهو ئي عِبَادت جي لائق آهي، صرف ۽ صرف ان جي ئي عِبَادت ڪريو!

 ياد رهي! اسان عِبَادت ڪنداسين ته ان جو فائدو الله پاڪ کي نه ٿيندو بلڪه ان جو فائدو اسان کي ئي پهچندو، اهو ڪيئن؟ فرمايائين

لَعَلَّکُمۡ تَتَّقُوۡنَ (۲۱)

ترجمو ڪنزُ العرفان: اميد ڪندي (عبادت ڪيو) ته توهان کي پرهيزگاري ملي وڃي.

تقويٰ هڪ وڏو وسيع مفهوم آهي. خلاصو عرض ڪيان ته اسان جي ذات ۽ شخصيت ۾ منفي شين Negativity جو نه هجڻ، اهو ئي تقويٰ آهي. مثال طور، ڪو ماڻهو پنهنجا فرض پورا نٿو ڪري (نماز نٿو پڙهي، روزو نٿو رکي، والدين جي خدمت نٿو ڪري وغيره)، اهي منفي شيون آهن، انهن جو نه هجڻ تقويٰ آهي. ڪو ماڻهو دوکو ڏئي ٿو، هي منفي شيءِ آهي، ان جو نه هجڻ تقويٰ آهي، ڪو ماڻهو ظلم ڪري ٿو، ٻين کي ناحق تڪليفون پهچائي ٿو، هي منفي شيءِ آهي، ان جو نه هجڻ تقويٰ آهي، هڪ ماڻهو ٻين خلاف بدگماني ڪري ٿو، پٺيان برائيون ڪري ٿو، ٻين جي عزت تي هٿ وجهي ٿو، هي سڀ منفي شيءِ آهي، ان جو نه هجڻ تقويٰ آهي.

مطلب ته جيڪڏهن اسان پنهنجي ذات ۾، پنهنجي ڪردار ۾، پنهنجي اخلاق ۾، پنهنجي رويي ۾، پنهنجي اندازِ زندگي ۾ بهتري ۽ مثبت شيون (Positivity) آڻڻ چاهيون ٿا ته ان جو طريقو اهو آهي ته الله پاڪ جي