Book Name:Iman Ki Hifazt

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بُري صُحبت اختيار ڪرڻ ۽ بدمذهبن سان گڏ اٿڻ ويهڻ ايمان جي لاءِ نقصان ڪار ٿي سگھي ٿو۔ جهڙي طرح شرابين، جوارين ۽ گناهن ۾ ملوث رهڻ وارن سان گڏ اٿڻ ويهڻ هلاڪت جو سبب آهي، اهڙي طرح بدمذهبن سان ميل جول رکڻ، انهن جون تقريرون ٻڌڻ، ڪتاب پڙھڻ، انهن جا آٓڊيو (Audio)، ويڊيو (Video) بيان ٻڌڻ، يا سوشل ميڊيا (Social Media) جي ذريعي ٻين کي شئير (Share) ڪرڻ، انهن سان گڏ کائڻ پيئڻ يا رشتيداري قائم ڪرڻ به ايمان جي لاءِ زهرِ قاتل ۽ دنيا ۽ آخرت جي شديد تباهي ۽بربادي جو سبب آهي۔ تنهنڪري ايمان جي حفاظت جي لاءِ سٺي صحبت اختيار ڪرڻ، خوفِ خدا رکڻ وارن ماڻهن ۾ اُٿڻ ويهڻ بيحد ضروري آهي۔ پر افسوس! اسان بُرن دوستن سان گڏ اٿ ويھ ڪرڻ، ڪلاڪن جا ڪلاڪ گڏجي گپ شپ ڪرڻ، مذاق مسخري ڪرڻ ۽ غير سنجيده حرڪتن جا عادي بڻجندا پيا وڃون۔ بُري صحبت جي نُحُوست اسان تي اهڙي ڇائجي وئي آهي جو اسان جو هر هر لمحو يادِ اِلٰهي کان غفلت ۾ گذري رهيو آهي، نمازن ۾ سُستي ٿي ويندي آهي پر اسان کي ان جو ڪو احساس تائين ناهي ٿيندو، هنن فضول ڪچهرين ۾ اسان جا ڪيئي ڪيئي ڪلاڪ ضائع ٿي ويندا آهن،اسان کي ڪو فڪر ناهي، هنن دوستن سان گڏ فضول ۽ بي حيائي سان ڀرپور گفتگو ڪندي ڪندي ڪڏهن ڪڏهن ڪفريات تائين بَڪيا ويندا آهن ۽ ايمان برباد ٿي ويندو آهي پر اسان کي هن جي خبر تائين ناهي هوندي۔ ياد رکو! بُرن جي صحبت

 اختيار ڪرڻ ۾ اسان جي دِين ۽ دنيا جو سَراسَر نُقصان ئي نُقصان آهي ڇوته بُري صحبت ڪڏهن ته انسان جي ايمان کي به برباد ڪري وجھندي آهي۔ عام طور ماڻهو جان ليوا، خوفناڪ ۽ زهريلي جانورن، ڪيڙن ماڪوڙن ۽ وحشت ناڪ شين کان ته ڊڄن ٿا ته اهي شيون اسان جي جان کي نقصان پهچائينديون پر اهڙي صحبت (Company) کان نٿا بچن جيڪي اسان جي ايمان کي برباد ڪندي آهي۔

 مشهور مُفَسِّرِ قرآن ، حڪيمُ الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  فرمائن