Book Name:Iman Ki Hifazt
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! زَبان جي حفاظت نه ڪرڻ به بعض اوقات ايمان جي بربادي جو سبب بڻجي ويندو آهي۔ اڄوڪي دور ۾ اسان جي اڪثرِيت جي حالت اها ٿي وئي آهي جو جيڪو وات ۾ آيو بڪي ڇڏيو، اللہ پاڪ جي خوشي ۽ ناخوشي جو احساس گھٽ ٿيندو پيو وڃي، اڄڪلھ نوجوان ڪفريه شعرن تي مشتمل گانا (Songs) ٻڌي پنهنجي زبان تان جھونگاريندا وتندا آهن، انهيءَ زبان سان جنت دوزخ، ملائڪن ۽ اللہ پاڪ جي شان ۾ توهين سان ڀريل چٽڪلا ٻڌايا ويندا آهن، انهيءَ زبان مان پنهنجي غريبي ۽ تنگدستي جو شڪوا شڪايت ڪندي ڪي ڪُفريات بڪي ڇڏيندا آهن، انهيءَ زبان مان ڪنهن جوان يا گھر جي واحد ڪفيل جي موت تي اللہ پاڪ جي ذات تي شڪوه ۽ شڪايتن ڀريا ڪفريات بڪيا ويندا آهن۔ خدارا! هوش ۾ اچو ۽ پنهنجي زبان کي قابو ۾ رکندي ان کي فضول بيهوده ۽ ڪفريه ڳالهين کان بچايو نه ته ياد رکو! ڪڏهن اسان جي زبان مان لاعلمي ۾ اهڙا جُملا نڪري سگھن ٿا جيڪي اسان جي ايمان جي بربادي ۽ جهنَّم جي حقداري جو سبب ٿي سگھن ٿا۔ اچو! هن باري ۾ ٻه فرمانِ مصطفيٰ ٻڌو ۽ پنهنجي ايمان جي حفاظت ڪريو،
1 ارشاد فرمايائون: انسان پنهنجي ساٿين کي کلائڻ جي لاءِ هڪ جملو اهڙو چوندو آهي پر ان جي سبب اهو ثُرَيا (تاري جي فاصلي) کان به پري (جهنم ۾) ڪرندو آهي۔ (مسند احمد،مسند ابي ھريرة،۳/ ۳۶۶، حديث:۹۲۳۱)
2 ارشاد فرمايائون: هڪ شخص اللہ پاڪ کي ناراض ڪرڻ وارو جملو چوندو آهي ۽ ان کي اهو خيال به ناهي هوندو ته هي ان کي اللہ پاڪ جي ناراضي تائين پهچائي ڇڏيندو پر اللہ پاڪ ان جي ڪري قيامت تائين پنهنجي ناراضي لکي ڇڏيندو آهي۔ (ترمذي،ڪتاب الزھد،باب في قلةالڪلام ،۴/ ۱۴۳،حديث : ۲۳۲۶)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
سدا کیلئے ہوجا راضی خُدایا ہمیشہ ہو لطف و کرم یاالٰہی
اَللّٰهُمَّ اَجِرۡنِيۡ مِنَ النَّارo
اي اللہ مون کي (جهنّم جي) باھ کان نجات عطا فرما