Book Name:Iman Ki Hifazt
بیٹھوں جو درِ پاکِ پیمبر کے حُضُور اِیْمان پر اُس وقت اٹھانا مولیٰ!
مختصر وضاحت: اي ربّ ڪريم! پنهنجي پياري محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي پياري پياري زلفن جو صدقو مون کي دنيا ۾ هر مصيبت کان بچائي رکجان ۽ آخرت ۾ هر غم کان محفوظ رکجان. تنهنجي بارگاهه ۾ هڪ ٻي دعا هي به آهي ته جڏهن مون کي تنهنجي پياري نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي روضه اقدس جي حاضري نصيب ٿئي ته ان وقت مان حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چانئٺ تي درود ۽ سلام پڙهڻ ۾ مشغول رهان ۽ انهيء حالت ۾ منهنجو روح قبض ٿي وڃي.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ايمان جي حفاظت جو ذهن بڻائڻ، دينِ اسلام جو پيغام عام ڪرڻ، ايمان جي دولت تي استقامت، نيڪ ماڻهن جي صحبت حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سان وابسته ٿي وڃو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي 104 کان وڌيڪ شعبن ۾ دينِ متين جي خدمت ۾ مصروفِ عمل آهي، جنهن مان هڪ شعبو (Department) ”مجلس براءِ نيو مسلم“ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مجلس جي ڪوششن سان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ دينِ اسلام جو پيغام پهچي چڪو آهي، ڪيئي غير مسلم اسلام جي دولت سان مالا مال ٿي چڪا آهن، هن مجلس تحت نئين مسلمان کي دِيني تعليم سان گڏوگڏ فرض علوم جي باري ۾ به مدني تربيت ڏني ويندي آهي۔ اللہ پاڪ اسان کي به دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ڪري دينِ متين جي خوب خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔
آمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں ے دعوتِ اسلامی تری دھوم مچی ہے