Book Name:Iman Ki Hifazt

تمام وڏي سعادت آهي، تنهنڪري هر مسلمان کي گھرجي ته هو جيتوڻيڪ ڪيترو ئي نيڪ ۽ پارسا، عبادت گزار ۽ پرهيزگار ڇو نه هجي پنهنجي بُري خاتمي کان خوفزده رهي۔ (صراط الجنان،۱/۲۵۸-۲۵۹)

خُدایا بُرے خاتمے سے بچانا     پڑھوں  کلمہ جب نکلے دَم یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ايمان جي اهميت حديث جي روشني ۾

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل آٓياتِ ڪريمه ۽ ان جي تفسير مان معلوم ٿيو ته اسان کي پنهنجي ايمان جي حفاظت جي لاءِ هر گھڙي فڪر مند رهڻ گھرجي، نفس ۽ شيطان جي ڌوڪن ۽ وسوسن کان پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ ياد رهي! جهڙي طرح ايمان تي ثابت قدم رهڻ وارن جي لاءِ قرآنِ پاڪ ۾ جنت جي بشارت بيان ڪئي وئي آهي اهڙي طرح احاديثِ ڪريمه ۾ به نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اِيمان جي اهميت ۽ ان جي حفاظت جي باري ۾ حڪم ارشاد فرمايو آهي۔ اچو! ترغيب لاءِ ايمان جي سلامتي بابت حديث سڳوريون ٻڌون ٿا. جيئن

ايمان جي حفاظت جو فڪر

نبي ڪريم، روؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جلد ئي ماڻهن تي اهڙو زمانو ايندو جو جنهن ۾ گوشه نشيني (اڪيلائپ) اختيار ڪرڻ ضروري هوندي، ان وقت صرف ان شخص جو دِين سلامت رهندو جيڪو ايمان جي حفاظت جي فڪر ۾ هڪ جبل کان ٻي جبل يا هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ ڀڄندو ڦري، جيئن پکي ۽ لُومڙي پنهنجن ٻارن کي کڻي هڪ هنڌان ٻي هنڌ منتقل ٿيندا رهندا آهن۔ پوءِ ارشاد فرمايائون: ان زماني ۾ اهو ٻڪرار ڀلائي تي هوندو جيڪو پنهنجي علم مطابق نماز پڙھي، زڪوٰة ادا ڪري ۽ ماڻهن کان الڳ ٿلڳ رهندو۔ (المطالب العاليۃ،ڪتاب الفتن،باب جواز الترھيب…الخ، ۸/۵۹۷، حديث:۴۳۶۶ بتغير)

انسان ان تي اُٿاريو ويندو جنهن تي مرندو