Book Name:Iman Ki Hifazt
۽ شام جو مومِن هوندو ۽ صُبح جو ڪافِر هوندو۔ ان سان گڏوگڏ پنهنجي دين کي دُنياوي سازو سامان جي بدلي وڪڻندو۔ (مُسلِم،حديث:۱۱۸، ص۷۳) ٭ هڪ مسلمان جي لاءِ ان جو سڀ کان قيمتي متاع ان جو ايمان آهي۔ ان جي حفاظت جو فڪر اسان کي دنياوي شين کان گھڻو وڌيڪ هئڻ گھرجي۔ (تربيت اولاد ،ص۸۰) ٭ انسان کي وقت بوقت توبه ۽ تجديدِ ايمان ۽ تجديدِ نڪاح ڪندو رهڻ گھرجي، جيڪڏهن يقيني طور تي ڪفريه جملو نڪتو ته اهو فرض آهي نه ته مستحب۔ (ايمان جي حفاظت، ۹) ٭ انسان کي ڪڏهن پاڻ تي يا پنهنجي اطاعت ۽ عملن تي بھروسو نه ڪرڻ گھرجي هر وقت خدا تي اعتماد ڪري ۽ انهي کان ايمان جي بقا جي دعا گھري۔ (ايمان جي حفاظت۔ص۲۱) ٭ ايمان جي حفاظت جي فڪر ۽ ڪوشش هر مسلمان جي انفرادي ذميداري آهي۔ (ايمان جي حفاظت،ص۱) ٭ جيڪو ايمان کان ڦري يعني مُرتَد ٿي مرندو اهو هميشه هميشه جي لاءِ دوزخ ۾ رهندو۔ (ڪفريه ڪلمات جي باري ۾ سوال جواب،ص۲) ٭ نيڪ عملن تي استقامت جي علاوه ايمان جي حفاظت جو هڪ ذريعو ڪنهن پيرِ ڪامل کان بيعت ٿيڻ به آهي۔ (تربيت اولاد ،ص۸۰)
٭ حج فرض هئڻ جي باوُجُود جنهن ڪوتاهي ڪئي ۽ بغير حج ادا ڪرڻ جي مري ويو ته ان جو بُرو خاتِمو ٿيڻ جو شديد خطرو آهي۔ (برےخاتمي کے اسباب،ص۲۰) ٭ امام غزالي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه فرمائن ٿا: بُري خاتِمي کان اَمن چاهيو ٿا ته پنهنجي سڄي زندگي اللہ پاڪ جي اطاعت ۾ گذاريو ۽ هر هر گناھ کان بچو۔ (احياء العلوم،۴ /۲۱۹۔۲۲۱ مُلَخصاً دار صادر بيروت) (برےخاتمے کے اسباب،ص۳۰)
طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد