Book Name:Iman Ki Hifazt

يامُجِيۡرُ يامُجِيۡرُ يامُجِيۡرُo

اي نجات ڏيڻ وارا، اي نجات ڏيڻ وارا، اي نجات ڏيڻ وارا

بِرَحۡمَتِكَ يآ اَرۡحَمَ الرّٰحِمِيۡنَo

پنهنجي رحمت جي سبب اسان تي رحم فرما، اي سڀ کان وڌيڪ رحم فرمائڻ وارا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

(4) گناهن کان نه بچڻ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ايمان برباد ٿيڻ جو هڪ سبب ڏينهن رات گناهن ۾ مشغول رهڻ به آهي ته جيڪو انسان ڏينهن رات گناهن ۾ مشغول رهي ٿو ان جي نحوست سان ٻانهو ايمان کي وڃائي ويهي ٿو۔ علامه اسماعيل حقيرَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  هن باري ۾ فرمائن ٿا ته جهڙي طرح اللہ  پاڪ جي آيتن جو انڪار ڪرڻ ۽ ان جو مذاق اُڏائڻ ڪفر آهي ۽ ڪفر جي سزا جهنم جو دائمي دردناڪ عذاب آهي، اهڙي طرح ڪنهن مسلمان جو گناهن تي اِصرار (مسلسل) ڪرڻ به اهڙو عمل آهي جنهن سبب ان جو موت ڪفر جي حالت ۾ ٿي سگھي ٿو۔ حضرت ابو اسحاق فزاري رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  فرمائن ٿا ’’هڪ شخص اڪثر اسان وٽ ويهندو هو ۽ پنهنجو اڌ چهرو لڪائي رکندو هو، هڪ ڏينهن مون ان کي چيو ته تون اسان وٽ گھڻو ويهندو آهين ۽ پنهنجو اڌ چهرو ڍڪي ڇو رکين ٿو، مون کي ان جو سبب ٻڌاءِ۔ ان چيو: مان ڪفن چور هئس، هڪ ڏينهن هڪ عورت کي دفن ڪيو ويو ته مان ان جي قبر تي آيس، جڏهن مون ان جي قبر کوٽي ان جي ڪفن کي ڇڪيو ته ان هٿ کڻي منهنجي چهري تي چماٽ هڻي ڪڍي۔ پوءِ ان شخص پنهنجو چهرو ڏيکاريو ته ان تي 5 اڱرين جا نشان هئا۔ مون ان کي چيو: ان کان پوءِ ڇا ٿيو؟ ان چيو: پوءِ مون ان جو ڪفن ڇڏي ڏنو ۽ قبر بند ڪري ان تي مٽي وڌي ۽ مون دل ۾ پختو ارادو ڪري ورتو ته جيستائين زنده رهندس ڪنهن جي قبر نه کوٽندس۔